گورنر پاران هراساني تي برطرف ملازم جي سزا معاف ڪرائڻ لاءِ جتن

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري عورت استات پاران هراسمينٽ جي الزام هيٺ برطرف ڪيل لاڙڪاڻي انٽرميڊيٽ اينڊ  سيڪنڊري بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي سزا معاف ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي خط لکي ڇڏيو.ڪجهه ڏينهن صوبائي محتسب عورت استاد شگفتا شاهه کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ لاڙڪاڻي جي انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي عهدي تان برطرف ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.ٻئي پاسي گورنر جي ترجمان موجب، نسيم ميمڻ خلاف محتسب جي سزا تي گورنر سنڌ طرفان حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو، سندس پاران حتمي فيصلي تائين معطلي جي سزا تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي.ترجمان ٻڌايو ته نسيم ميمڻ جي معاملي جو قانون مطابق جائزو ورتو پيو وڃي، قانون پٽاندڙ گورنر صوبائي محتسب جي فيصلن خلاف ايپليٽ اٿارٽي آهي ۽ نسيم ميمڻ ان قانون تحت گورنر کي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.