ڳالهھ سنڌ جي کاتن جي ڪجي ته هر ادارو ڪرپشن جي مرض ۾ مبتلا ٿيل آهي سنڌ جي تعليم کاتي جي ڳالهھ ڪجي يا صحت کاتي يا روينيو ڊپارٽمينٽ هجي يا ئي کڻي ڪنهن به سنڌ جي ٻي کاتي جي. مشرف جي اقتدار سنڀالڻ کان به هڪ پوک پوکئي وئي جيڪا هوريان هوريان وڌندي رهي اها پوک اهو اونو وڻ وارو مثال ٿيندي وئي جيڪا ويندي وئي پنهنجون پاڙون مضبوط ڪندي اوني وڻ جي پاڙ وڏي پکيڙ ڪري جاءِ والاري ٿي ۽ پو جتي جتي ان جي پاڙ پهچي ٿي ان جڳهه جي جر کي توڙي ڀرپاسي جو ستياناس ڪريو ڇڏي ائين ئي مشرف دور ۾ ڪرپشن جي پوک پوکي اها اڄ وڌي وڻ وارو فصل ٿي وئي آهي ان ئي سلسلي کي مشرف کانپوءِ ايندڙ اقتداري ڌرين جاري رکيو ان تي آنچ آڻڻ نه ڏني ان عمل کي باعث فخر سمجهي واڌ ويجهه ڏني .
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ڳالهھ ڪجي ته روينيو ڊپارٽمينٽ جو ننڍڙو ملازم به ڄڻ ته الائي ڪٿي پهتل آهي ڀلا ڇو نه هجي هو به ان ثمر مان پيو کائي جيڪو ثمر عام جام ملندڙ هجي پاڻ اينداسين اصل مقصد طرف ته توڙي جو وائلڊ لائيف کاتي لاءِ ڪروڙين اربين رپيا بجيٽ به رکي وڃي ٿي ۽ هن کاتي ۾ ضلعي سطح تي آفيسر عملو ڀرتي به ٿيل آهي انهن جي گهمڻ ڦرڻ لاءِ سرڪاري گاڏيون مهيا ٿيل آهن انهن جون باقاعده آفيسون قائم ٿيل آهن سرڪاري خرچ تيل پاڻي سڀ ڪجهه انهن کي سهولتون حاصل آهن پر ڪٿي به اهو کاتو متحرڪ ناهي اها منڇر ڍنڍ هجي يا حمل ڍنڍ يا کڻي سنڌ اندر ننڍيون ڍنڍون بس هڪ انڌيري نگري چرٻٽ وارو نظام هلي رهيو آهي هن جي ڪا به چرپر نه هئڻ ڪري ٿئي ائين ٿو جو ناياب نسل جي جانور جي نسل ڪشي سرعام ٿئي ٿي ان سموري صورتحال تي وائلڊ لائيف کاتو سيڪريٽري کان وٺي هيٺين سطح تائين سڀ خاموش تماشائي ڄڻ بس ننڊ ستل آهن هاڻي ته هتي پنهنجي سنڌ جي اندر هر جانور جاندار پکي پهڻ انڌي ٻُلهڻ کان پرديسي پکي يا چيتو جانور سڀ ناياب آهن پر ڪو به محفوظ ناهي انهن جي شڪار لاءِ ڪا به پابندي ناهي ڪا رک ناهي ڏک منجهان ائين چئي سگهجي ٿو ته اها نسل ڪشي روڪڻ ڄڻ تي سنڌ اندر ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر ئي آهن ٻاهري دنيا ۾ هن جيوت لاءِ به ضابطا اصول جڙيل آهن هتي به ساڳيا ضابطا اخلاق اصول جڙيل آهن پر عمل هتي زيرو آ ٻاهري دنيا جي ملڪن اندر ٽائيگرس جي ناياب نسل هجي يا ڪنهن ناياب پکي توڙي ٻي ڪنهن جانور جو نسل بچائڻ لاءِ اتان جا کاتا سرگرم آهن باقاعدگي سان انهن لاءِ جهنگلي جيوت کاتو اُتي جي ٻيلن جي حفاظت ڪري انهن ۾ ناياب نسل جي رکوالي لاءِ عملو مقرر ٿيل آهي مجال آ ڪنهن ماڻهوءَ کي جو اُتي ائين بي رحمي سان نسل ڪشي ڪري پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتي جهڳو ئي جهڻ لڳو پيو آهي تازو ئي ڪوهستان جي علائقي ٿاڻي عارب خان جي ڳوٺ فقير محمد علي واسين ڪانڀو جبل وٽ هن ناياب جانور لپرڊ (چيتي ) کي علائقي واسين بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏيو هتي قانون جي بالادستي قائم نه هجڻ ڪري هرڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو ڪري ڇڏي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها هنن کي وائلڊ لائيف کاتي کي اطلاع ڏيڻ گهرجي ها اهي اچي هن ناياب جانور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺن ها پر علائقي وارن کي به خبر آ ته هتي ڪا وائلڊ لائيف به آهي جيڪا جيوت لاءِ ٺهيل آهي انهن جي حفاظت لاءِ انهن جي سار سنڀال لاءِ هتي معصوم جهنگلي جيوت ڏينهون ڏينهن موت جي منهن ۾ آهي ان کي بچائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن اهي ناياب نسل جا پکي جانور وڃن ٿا ختم ٿيندا نت اڳي زماني ۾ اهي ناياب نسل جا پکي طرح طرح جا جانور هتي موجود هوندا هئا وڏڙا جڏهن ڳالهھ ڪندا هئا دل خوش ٿيندي هئي ته اهي اڄ جي دور ۾ ٿيل ناياب جانور اڳي عام جام هئا ڳالهھ ٻڌي دل چوندي هوئي انهن کي ڏسجي پر اڄ انسان پاڻ محفوظ ناهي ته اهي جانور ڪئين محفوظ ۽ زنده هوندا بي ڳالهه ته انهن جي هجڻ جو اڳي وڏو سبب ٻيلا هئا اهي جن ۾ اهي جانور جيوت رهندا هئا اڄ اهي سڀ ٻيلا هتان جي ڪرپٽ ڪامورن وڍائي کپائي جهنگ ختم ڪرائي سرسبز جهنگلن کي باهيون ڏياري سکڻو پٽ ڪرائي زمين تي قبضا ڪري انهن جانورن جي آماجگاهه کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو اڄ جي نوجوانن کي خبر ئي ناهي ته اسان وٽ به ڪي ٻيلا هئا جهنگ هئا جنهن جي الڳ سونهن هوئي جنهن ۾ جانور توڙي پکي پکڻ لاءِ محفوظ گاه هئا اهي اُتي ئي کاڌو شڪار پاڻ بندوبست ڪندا هئا توهان ڊسڪوري ته ڏسندا آهيو آفريڪا آسٽريليا جا جهنگل اُتي رهندا جانور پکي پڻ وڊيو ڏسندي ڪيڏو مزو ايندو آهي دل چوندي آ ڪاش اسان اُتي هجون ها يا هي جهنگل اسان وٽ هجي ها ايڏو خوبصورت منظر پيش ڪندو آهي اهو جهنگ ۽ ان ۾ رهندڙ پکي پهڻ ۽ هر قسم جا جانور پر بدقسمتي چئجي بدنصيبي چئجي اسان وٽ حال اهو آ جو قسمتي ڪو ناياب نسل جو جانور نظر اچي وڃي ته ان کي ماريو وڃي ٿو سياري جي مند ۾ دادو ضلعي جي منڇر ڍنڍ ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي حمل ڍنڍ ۾ پرديسي پکي اچن مختلف ملڪن مان پوءِ بس اُتي علائقي واسي انهن کي ونجهر لڳائي انهن جي ٻولي جي ٽيپ رڪارڊر هلائي روز جي بنياد تي سوين پرديسي پکين جو قتلام ڪري انهن جي نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي ۽ شڪاري الڳ سان انهن جو شڪار ڪرين سئو سئو پکي شڪاري شڪار ڪن مهمان پرديسي پکي هتي اچن زندگي جيئڻ اسين انهن جي زندگي جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيون حالانڪه انهن ٻنهي ڄاڻايل ڍنڍن تي وائلڊ لائيف عملو به مقرر ٿيل آهي پر اهو به پنهنجي عادت کان مجبور ڏيتي ليتي ڪري شڪارين توڙي انهن ونجهر هڻي پرديسي پکين جي نسل ڪشي ڪندڙن کي اجازت ڏئي انهن جي قاتل عام ۾ ڄڻ ته ڀاڱي ڀائيوار هجي ان شئي جو ڪير نوٽيس وٺندو آخر اهو سلسلو جاري آهي پر ختم ڇونٿو ڪرايو وڃي ڇو ان ناياب نسلن جي حفاظت ڪئي وڃي جيڪڏهن ٻاهرين دنيا ۾ ائين ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ آخر ڇو نٿو ٿي سگهي ڪير ان تي عمل ڪرائيندو تباهي ته هر طرف ڦهليل آهي جنهن تي رانڀاٽ ڪري روئجي تڏهن به ڪنهن تي اثر يا فرق نه پوندو ڇو ته هنن کي ان شئي جي نه ڳڻتي آ نه ئي ڪا پرواهه.