ڀوتارڪو نظام ۽ ڪارل مارڪس جو نظريو

تحرير: مجيد بلوچ

انقلابي فلسفي جي استاد ڪارل مارڪس جو چوڻ آهي ته سماج جو شعور هڪ ڊگهي وقت کان پوءِ ٺهندو آهي ۽ ان شعور کي تبديل ڪرڻ لاءِ به ايترو ڊگھو عرصو کپي، جيترو ڊگهو عرصو سماجي شعور کي ٺهڻ ۾ لڳي ٿو. سماجي شعور ان وقت تبديل ٿيندو آهي، جڏهن پورو سماج ڪنهن هڪ نقطي تي متفق ٿي وڃي. ان وقت سماج جي اها اجتماعي سوچ سچائي بڻجي ويندي آهي.

ڪارل مارڪس پوري دنيا ۾ مشهور، معروف هجڻ سان گڏ عظيم مفڪر، فلاسافر، سوشلاجسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. سماجي سائنس جو هي عظيم ڏاهو شخص پنهنجي تنقيدي نظرئي سان گڏ سرمائيداري نظام جي خلاف عملي جدوجهد ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آهي. سنڌ جي ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب ”ڪنڌيءَ ٽڙن ڪنول “ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته دنيا جو عظيم مفڪر ڪارل مارڪس هڪ ڏينهن لنڊن جي لائبريري ۾ پنهنجي عظيم تخليق داس ڪيپيٽل لاءِ مواد جمع ڪري رهيو هو انهن ڏينهن ۾ مارڪس ڏاڍي تڪليف واري زندگي گُذاري رهيو هو ، هو نيويارڪ ٽربينل نالي اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، جتان کيس ٻه ڊالر ملندا هئا جنهن مان هو ڪاغذ ۽ مس خريد ڪندو هو .

هڪ ڏينهن هو لائبريري ۾ هو ته نرس انتهائي پريشاني جي عالم ۾ اچي کيس چيو ته توهان جو فلاڻو پٽ انتهائي بيمار آهي جنهن کي فوري طوي تي ڊاڪٽر ۽ دوا جي ضرورت آهي جيڪڏهن ترت دوا لاءِ پيسن جو بندوبست نه ڪيو ويو ته هو مري ويندو . مارڪس اها خبر ٻڌي بنا ڪنهن پريشاني جي چيو ته آءُ هن وقت جنهن پُٽ کي تخليق ڪري رهيو آهيان سو نه ڪڏهن بيمار ٿيندو نه ڪڏهن مرندو پر هي ڪيترن ئي بيمارن کي صحتمند ڪندو ۽ ڪيترن ئي مُردن کي زنده ڪندو مارڪس جو اهو سلُڇڻو ٻار داس ڪيپيٽل آهي هن سان گڏ مارڪس پنهنجي انتهائي ويجهي دوست ۽ ساٿي اينگلز سان گڏ جڳ مشهور ڪتاب ڪميونسٽ ميني فيسٽو تيار ڪيو.

هن ڪميونسٽ پڌرنامي ۾ پهريون ڀيرو سرمائيداري دنيا جي بنيادي سماجي، معاشي ۽ رياستي ڍانچي کي بيان ڪيو ويو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سرمائيدار ڪهڙي ريت پورهيت طبقي جو استحصال ڪن ٿا، مارڪس ۽ اينگلس پهريون اُجرتي مزدور ۽ قدر زائد يا واڌو قدر جو ذڪر ڪيو ته ڪهڙي ريت سرمائيدار پورهيت طبقي جي محنت مان سندس استحصال ڪري دولت پيدا ڪندا آهن. هنن اهو ٻڌايو ته ڪم جي وقت جو محدود اجورو ڏئي باقي پئسا هو ڪهڙي ريت هضم ڪري ويندا آهن، سرمائيداري ۽ پورهيت وچ ۾ پهرين لڙائي ٿيندي ئي اُجرت وڌائڻ لاءِ آهي، جيڪا پوءِ وڌندي وڌندي سموري طبقاتي سماج جي خلاف ٿي ويندي آهي، پهرين مئي 1886ع ۾ شڪاگو اندر لڙائي به درحقيقت آچر جي موڪل ڪم جو وقت گهٽائڻ ۽ اجرت وڌاڻ لاءِ هئي جنهن خلاف سموري رياست جي طاقت استعمال ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته پورهيت طبقي کي ڪنهن به صورت ۾ هي سرمائيدار حق نه ڏيندا، پر انهن کي سرعام قتل ڪندا. مارڪس ۽ اينگلس اهو چيو ته خرابيءَ جي جڙ ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي نظام آهي، ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي نظام جي خاتمي کان سواءِ هڪ بهتر معاشرو قائم ٿيڻ ناممڪن آهي.

دنيا جي هن پهرين عالمي اڳواڻ کي بي بي سي انسانذات جي گذريل هزار سالن جو بهترين ذهن قرار ڏنو. اڄ انساني تاريخ جا عظيم ۽ غير معمولي سمجهيا ۽ مڃيا ويندڙ سمورا شخص پنهنجي دور جا انتهائي تڪراري ماڻهو هئا، پوءِ اُهي مفڪر هجن، مذهبي مهندار هجن يا سائنسدان هجن، ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، سقراط،ڪارل مارڪس، گئليلو، آئنسٽائين، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ متضاد شخصيت طور رهيا. اهي سڀ، اُهي ماڻهو هئا جن عام ماڻهن ۾ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويل پراڻن خيالن کي چئلينج ڪيو ۽ رد ڪيو. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا اهڙا به ماڻهو هئا جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ خاطر، انهن سان ها ۾ ها ملائي. اُهي وقتي طور ته وڏا مقبول به ٿيا ۽ ماڻهن جا ليڊر ۽ حڪمران به ٿيا پر انساني سماج جي ترقيءَ ۾ انهن ڪو ڪردار ادا ڪو نه ڪيو.

مارڪس اهو پهريون ماڻهو هو جنهن اها دعويٰ ڪئي ته انسان جي پورهيئي کي سماج ۾ جيڪڏهن حقيقي مقام ڏبو ته انسان جون سڀ لڪل صلاحيتون نروار ٿي پونديون ۽ هي دنيا جنت بڻجي سگهي ٿي. مارڪس ۽ اينگلس پنهنجي جدلي ۽ تاريخي ماديت جي نظريي کي سموري انساني تاريخي مان ثابت ڪيو، هنن ابتدائي اشتراڪي سماج جي بنياد کي سمجهائيندي اهو ٻڌايو ته هي انساني سماج جنهن ڏاڪي تي آهي، هميشه کان ان تي نه هو بلڪ اهو ارتقا ڪندو اڳتي وڌيو آهي، خود سندس موجوده سرمائيداري سامراجيت به ڪو آخري ڏاڪو نه آهي، هن سرمائيداري نظام اهو لازمي قانون واضح ڪيو آهي ته جڏهن پورهيو اجتماعي ٿي چڪو آهي تڏهن ان جي اپت پڻ اجتماعي ٿيڻ گهرجي نه ڪي اها چند سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي کيسي ۾ هلي وڃي. مارڪس ۽ اينگلس پهريون ڀيرو اهو ٻڌايو ته سماج ۾ ابتدا ۾ رياست نه هئي پر جيئن جيئن طبقاتي سماج اوسر ڪندو، اڳتي وڌندو ويو، تئين ئي رياست پڻ جنم ورتو، رياست در حقيقت طبقاتي سماج ۾ پيد اٿيل ملڪيت دار طبقي ۽ اڻ هوند واري طبقي وچ ۾ حل نه ٿيندڙ تضاد ۽ ٽڪراءُ جو نتيجو آهي، لينن موجب رياست فقط ملڪيت دار طبقي جو دفاع ڪري ٿي هن جا ٻيا ظاهري فرض يا ڪم ان بنيادي تضاد کي لڪائين ٿا.

هن وقت جئين جئين هي سرمائي جو نظام ناڪام ٿي رهيو آهي. تئين تئين اهو مذهب، قومن، خطن ۽ لساني توڙي نسلي تضادن کي وڌائي، جنهن جنون ۽ بي انتها استحصال تي پاڻ کي زنده رکڻ چاهي ٿو ۽ لکين انسانن جو قتل ٿيڻ هن نظام لاءِ هن جي هلائيندڙن لاءِ ڪاڳالهه نه آهي. ڪهڙي ملڪ ۾ فوجي آمريت رکڻي آهي. ڪٿي جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪرڻي آهي اهو عالمي سامراج طئي ڪندو آهي. اڄ جيتوڻيڪ ان خلاف عالمي ۽ ملڪي سطح تي عوامي جدوجهد اڀري رهي آهي پر اها اڃا تائين ابتدائي سطح تي آهي هي جنگ اڃا وڌيڪ واضح ٿيندي ويندي جڏهن عوامي قوتون طاقتور ٿيڻ لڳنديون اڄ اها حقيقت واضح ٿي چڪي آهي. ته هي سرمائي جو نظام فقط استحصال، ظلم ۽ بر بريت آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه آهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي. ته اسين ٻيهر مارڪس، اينگلس ۽ لينن جي فڪر جي رهنمائي ۾ استحصالي ظالم نظام جي خلاف ويڙهه کي تيز ۽ منظم ڪريون. اڄ عالمي سطح تي سامراجي ملڪن جي پورهيت طبقي ۽ مظلوم بڻايل ۽ قبضي هيٺ آيل مظلوم قومن جي لاءِ نجات مارڪسي لينني فڪر ۾ سمايل آهي. مارڪس جي فڪري تحريڪ کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ کان سواءِ انسان ذات جي نجات ناممڪن آهي.

فرانسيسي ڏاهي فيئرباخ مارڪس جي نظرئي کان متاثر ٿي ڪري انکي سائنسي اهڃاڻ واري ماديت ڪوٺيو. جڏهن ته هيگل ان کي ٽن بنيادي شين ۾ تقسيم ڪيو هڪ ٿيسز، ٻي اينٽيٿيسز ۽ سائنٿيسز جيڪي ان نظرئي جي آزاد نقادي تجزيي جو سبب بڻيا مارڪسزم هڪ زنده فلسفو آهي جيڪوسماج ۾ موجود اڻبرابري ۽ استحصال تي تنقيد ڪري تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.

ڄاڻ جي حد تائين مارڪس اُن اصول جو پابند نه هو، پر مواد جي پيش رفت جي سلسلي ۾ به هو اهڙي ئي پابندي جو قائل هو. جهڙي نموني هن وقت دنيا ۾ ملڪن جي حالت آهي جو امير اڃا امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب ويتر غريب تر ٿيندو پيو وڃي. انهيءَ عذاب جو نتيجو هن وقت غريب بي سهارا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن ڪجهه اهڙو ئي حال اسان جي سنڌ سڳوري جو آهي جتي سرمائيدار پنهنجي سيڙپڪاري ڪري عوام کي ڪڏهن ووٽ جي لالچ ۾ بيوقوف بڻائي 5 سالن تائين  استحصال ڪندا  رهن ٿا.

دنيا ۾ موجود جمهوري قوتن کي ڏٺو وڃي ته انهن ۾ جرمني، فرانس، جاپان، پاڪستان جو دوست مُلڪ چين، پاڙيسري مُلڪ ايران ، آمريڪا، برطانيه وغيره سڀ جمهوري مُلڪ آهن. آمريڪا ۾ صدراتي نظام آهي، اُتي چونڊ جو مرحلي زلزلا، طوفان، بارشون به نٿيون روڪي سگهن، ٻئي طرف دنيا جي مُڙني جمهوري مُلڪن ۾ ترقي ڏسي انسان اڄ تمام گهڻو آسائش ۾ نظر اچي ٿو. اتي انساني حق اولين ترجيح تي هوندا آهن. اتي جي مُلڪن جا ادارا مضبوط هوندا آهن نه ڪه اسان جي ايشيا جي مُلڪن وانگر فرد. فرد مڪرم هوندا آهن ادارا مقدس هوندا آهن. جمهوريت جمهور جي منشا جو نالو آهي نڪي ڪنهن پارٽي جي سربراه جو. جمهوريت جي نالي تي سياست ڪندڙ اسان جي مُلڪ جا امير ترين، مالدار، صنعت ڪار، سرمائيدار، سردار، نواب، وائيٽ ڪالر وڏيرا، نواب ۽ رئيس اليڪشن ۾ حصو وٺندا آهن. جيڪي ووٽرن کي ووٽ سميت خريد ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏ اليڪشن جو موڙ موڙڻ جي صلاحيت رکن ٿا. انڪري هڪ  عام عوام مان شخص جڏهن اليڪشن ۾ مقابلي لاءِ سندرو ٻڌنڌو آهي ان کي اليڪشن هارائڻ کان وڌيڪ جان، مال ۽ عزت جو فڪر هوندو آهي. دنيا جي جمهوري مُلڪن ۾ عوامي نمائندا سرعام عوام جي سامهون پنهنجي مخالف جي ڪاميابي کي مڃڻ سان گڏ مبارڪون ڏيندا آهن ۽ هر ممڪن تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريندا آهن ۽ پنهنجي شڪست کي دل سان قبول ڪندا آهن. اسان وٽ اليڪشن کان پهريان ئي دهل وڄڻ شروع ٿي ويندو آهي ته سائين ڦلاڻو خان گوٽالو ڪندو، اليڪشن صاف، شفاف ۽ انصاف پٽاندڙ نه ٿينديون.

سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو وائيٽ ڪالر وڏيرن. جاگيردارن، رئيسن، نوابن ۽ سردارن جي هٿان يرغمال ٿي رهيا آهن. عام ماڻهو به انهن شاهن وانگر خود ڪفيل هجن ها ته شايد ووٽ ۾ زبردستي جي نوبت نه اچي ها. اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ مڙني نامزد اُميدوارن جو تعلق سرمائيدار يا  ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان وڃي سرمائيدار سان ملي ٿو. جيڪي ماڻهو غريبن، محروم ماڻهن جو سالن کان استحصال ڪري رهيا آهن اُهي ماڻهو هن دفعي به ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهي ڀوتار عوام سان ڪهڙو حشر ڪندا اهو ماضي مان سبق سکڻ گهرجي. ووٽ ڏيندڙ عوام جو رجحان تبديل ڪيئن ٿيندو جڏهن ته سنڌ جو ووٽر اڄ گڀي لاءِ پريشان آهي.  ڪارل مارڪس جي موجب حاڪم محڪومن جي مظلوميت جو ڀرپور فائدو وٺي رهيو آهي. جيئن هُن گذريل ڪافي سالن کان مزا ورتا آهن.

ڪارل مارڪس جي نظرئي مطابق جڏهن سرمائيداري نظام ڪمزور ٿيندو آهي ته پاڻ سان گڏ مذهبي جنونيت، فرقه پرستي، لساني بنيادن تي جڳهڙا وغيره ڪرائيندو آهي. سنڌ ۾ ڪشمور کان ويندي ڪراچي تائين مذهبي انتها پسندي سنڌي ماڻهن کي طبقاتي نظام جي نه کٽندڙ سلسلي جو حصيدار بڻائي ڇڏيو آهي. مُلڪ جي موجود نظام ۾ صرف اهي ماڻهو اليڪشن وڙهي سگهن ٿا جيڪي امير هجڻ سان گڏ هن مُلڪ جا سٺا پئسي ڏوڪڙ وارا هجن ۽ اُهي ئي ڪامياب ٿيندا. سنڌ ۾ ڪافي وڏيرن وٽ اڄ به نجي جيل آهن جتي هارين، نارين کي قيد ڪري ڏاڍ ۽ جبر سان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ اهي وڏيرا، واپاري، سردار، نواب، رئيس، جاگيردار ۽ سرمائيدار جڏهن اليڪشن ۾ ڪنهن ڀوتار جي حمايت ڪندا آهن ته پنهنجي رعب سان انهن غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن کي ڀوتار جي لاءِ ووٽ ڏيڻ جو پابند بڻايو ويندو آهي. ڇا ان طريقي سان تبديلي ممڪن آهي؟  ان سلسلي کي روڪڻ جو بهترين ذريعو اهو آهي سڀ وسيلا رياست جي ماڻهن ۾ برابر هجن جيئن ڪو طاقتور ڪنهن ڪمزور تي پنهنجي جاگير، زمين، دولت ۽ اقتدار جي ڪري ظلم و جبر نه ڪري سگھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.