مصنوعي ذھانت ۽ مشينن جي غلامي!

تحرير: شفيق الرحمان شاڪر

چيٽ جي پي ٽي“ جو نئون ورجن اچي چڪو آھي جنھن کي ترت ڪم ۾ آڻن جي ضرورت آھي ٻي صورت ۾ اسان جا ايندڙ نسل نوڪري حاصل ڪري نه سگهندا. ان لاءِ  اسان کي ھيٺين ڳالھين تي غور ڪرڻو پوندو.جيڪر اسان جا ٻار ننڍي عمر جا آھن ته اسان کي ايندڙ نظام تعليم ۾ان سوفٽ ويئر سان ايندڙ تبديلين کي ضرور نظر ۾ رکڻو پوندو.ھي اھڙو طاقتور سافٽ ويئر آھي جو جنھن به موضوع تي اوھان ان کي لکڻ جي ڪمانڊ ڏيندا اھو ڪجھه ئي سيڪنڊن ۾ لکي وٺندو.مثال، پنھن جي ڪنھن به ڪاروباري دوست کي اي ميل جو جواب پنھنجي مرضيءَ  مطابق رڳو چند سيڪنڊن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.ٻارن جو ھوم ورڪ ان سان نھايت سولائيءَ  سان ڪرائي سگهجي ٿو.آئي اي ايس ۾ پڇيل سوالن جا صحيح صحيح جواب سيڪنڊن ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ڪو زمانو ھو جڏھن خط لکيا ويندا ھئا ۽سٺي لکت ۽ مضمون تي زور ڏنو ويندو ھو پر پھرئين ڪمپيوٽر لکت جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو ۽ ھاڻي چيٽ جي پي ٽي مضمون جو مسئلو به حل ڪري ڇڏيو آھي. انسان ۽ مشين جي وچ ۾ سافٽ ويئر ڳالھه ٻولھه يعني رابطي کي آسان ڪري ڇڏيو آھي. اسان ڏسون ٿا ته سوشل ميڊيا جي ڪنھن به ايپ تي اسان جيڪي ڪجھه چوندا آھيون ان جو ترت ريسپانس سامھون اچي وڃي ٿو. چيٽ جي پي ٽي 3،5 ان رابطي کي وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو ھو. ان آسانيءَ  جو دارومدار 175 بلين فيڪٽس يعني حقيقي معلومات تي ھو جيڪي انھيءَ  ۾ فيڊ ڪيل ھيون.

سافٽ ويئر ۾ موجود ”الگوردم“ جي مدد سان نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو پر ھاڻي چيٽ جي پي ٽي 4 لانچ ٿي رھي آھي جنھن جي حيران ڪندڙ ڳالھه اھا آھي ته اھو 100 ٽرلين پيراميٽرس تي مشتمل آھي رڳو اھو ئي نه پر اھو ھاڻي وڊيوز، تصويرن، انگن توڙي آڊيو فائلز  کي به پروسيس ڪندو

ان جو مطلب اھو ٿيو ته اوھان کي جيڪر ڪا فلم ٺاھڻي آھي ته اوھان کي نه ته ڪنھن ڪھاڻيءَ  جي گهرج پوندي ۽ نه ئي اداڪارن پويان ڊوڙڻ جي ضرورت رھندي.اھو سموريون گهرجون پاڻ ئي پيدا ڪندو.اوھان جيڪر چاھيو ته 200 صفحن جو ڪو ڪتاب ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ مڪمل ڪري سگهو ٿا.اھو سڀ ڪجھه حيرتناڪ ھئڻ سان گڏوگڏ خطرناڪ پڻ ھوندو.

ان جي پي ٽي4 کي روبوٽڪس ۾ استعمال ڪيو ويندو جا  رڳو ھڪ مشين آھي. ان مشين وٽ جڏھن ايتري گهڻي معلومات ھوندي ته سوچيو ته اھا انساني خاصيتن جي ڪيترو ويجهي ھوندي بلڪ ڏنل معلومات جي بنياد تي اھا انسان کان وڌيڪ چست ۽ ذھين ھوندي.ان کان ڊڄڻ جي ضرورت ڪانھي پر اسان کي ھاڻي خالي ناھي ويھڻو بلڪ انھن مشينن کان سکڻو آھي.جيڪر اسان ايئن نه ڪيو ته مشينون اسان کي پنھنجو غلام بنائي وٺنديون.اسان کي مصنوعي ذھانت کي سمجهڻو، سکڻو ۽ استعمال ڪرڻو آھي.ايئن سمجهو ته ھڪ قسم جي ڊوڙ آھي جنھن ۾ اسان کي ھر حالت ۾ حصو وٺڻو آھي.جيڪي ماڻھو ان کي نه سکندا ته انھن لاءِ  گهڻيون ڏکيائيون پيدا ٿينديون.نوڪريءَ  جا وڌيڪ موقعا حاصل ڪرڻ، ڪاروبار توڙي اعليٰ تعليم لاءِ  ان کي سکڻ ضروري آھي.ھاڻي اسان کي پنھن جي اولاد کي اھڙي پروفيشن ۾ لڳائڻو پوندو جو اھي مستقبل سان گڏ ھلي سگهن.

چيو ته اھو به وڃي ٿو ته ڪو مريض اسپتال ويندو، پنھنجي بيماريءَ  جون نشانيون ٻڌائيندو ۽ اھو بنان ڪنھن ڊاڪٽر جي مدد جي ان سافٽ ويئر جي مدد سان پنھنجي علاج جي پرچي سان گڏ واپس ايندو.بيماريءَ  جي علامتن جي بنياد تي مشين جو الگوردم انساني دماغ کان وڌيڪ واقف ھوندو،اسان انھيءَ  تي اڃا ڪم شروع نه ڪيو آھي پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان تي زور شور سان رسرچ جو ڪم جاري آھي.

ٽيڪنالاجي اڄ جنھن تيزيءَ  سان ترقي ڪري رھي آھي ۽ ان سان دنيا ۾ جيڪي تبديليون اچي رھيون آھن انھن کان ڪنھن به صورت ۾ لاتعلق رھي نٿو سگهجي، اھي رڳو ٽيڪنالاجيءَ  جا لاڙا ناھن پر اھا ھڪ اڻ ٽر حقيقت آھي ۽ ڪرونا وبا اسان کي انھن لاڙن کي اختيار ڪرڻ جو سبق سيکاريو آھي. جيڪر اسان مصنوعي ذھانت ۽ چيٽ جي پي ٽي جھڙي سافٽ ويئر جو صحيح استعمال نه ڪيو ته مشينون نه رڳو اسان کي پنھن جو غلام بنائي ڇڏينديون بلڪه اسان تي ايترو غالب اچي وينديون جو اسان انھن جي نوڪري ڪرڻ جي لائق به نه رھنداسين.تبديليءَ  کي ڪو روڪي نٿو سگهي البت انھيءَ  کي پنھنجي مٿان غالب اچڻ کان روڪي سگهجي ٿو.ايندڙ وقت جي ايندڙ تبديلين کي ڪا به قوم جيترو جلد سمجهي وٺي اوترو ئي ان لاءِ  بھتر ھوندو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.