پاڪستان ۾ معاشي تبديلي ڪيئن ممڪن آهي

تحرير: رياض ابڙو 

ماڻهن ۾ پريشاني جو عنصر روز روز وڌندو ٿو وڃي، ماڻهن جي زندگي جو معيار ڪري ٿو جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو رهي. رياست ڪيترا به آسرا ڏئي، ڪيتريون به ٺلهيون ڳالهيون ڪري پر اها ڳالھه  واضع آهي ته عام ماڻهو تعليم، صحت ۽ سيڪيورٽي جي ڪري انتهائي پريشان آهي. ماڻهن جي مال ملڪيت ۽ زندگي محفوظ ناهي، ڪير به اها ڳالھه  وسعت سان نه ٿو چئي سگهي ته ان جي جان ۽ مال خطري ۾ ناهي. پر رياست کي ان ڳالھه  جي ڪا ڳڻتي ناهي ۽ اها ڳالھه  ويجهي مستقبل ۾ وڌيڪ خراب ٿيندي. اها حقيقت به عيان آهي ته مسلسل روزگار جي اڻ هوند معاشي براين جو سبب ۽ ضامن به آهي، ڇو ته رياست روزگار جا وسيلا فراهم نه ٿي ڪري، جنهن جي ڪري عام ماڻهوءَ جي زندگي انتها درجي جي ڊسٽرب آهي. وري ٻي مصيبت اها به آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري عام ماڻهو تمام گهڻو متاثر رهي ٿو. جنهن ۾ گهڻين بارشن جي ڪري انهن جا فصل ٻڏي ٿا وڃن، انهن جو سڀ ڪجهه ان صورت لڙهي ٿو وڃي جو ڪينالن، ندين واهن، جا بند ٽٽي ٿا پون. جيڪي ڳوٺ، ڪچيون آباديون انهن دريائن، واهن، ڪينالن، ندين ۽ نالن جي ڪپرن تي اڏيل آهن، انهن ماڻهن جا گهرٻار، ڪاروبار متاثر ٿا ٿين. انهن سڀني ڳالهين جي لاءِ حڪومت وٽ ڪا مستقل پلاننگ ناهي، نه ئي ترقياتي ڪم به ڪو ٿيندي نظر ٿو اچي.

هيومن لائيف انڊيڪس جي 2023 ۽ 2022 رپورٽ جنهن ۾ گذريل ٻن سالن جا انگ اکر شامل آهن، جنهن ۾ غريب ملڪن جي تباهيءَڏيکاريل آهي، جنهن ۾ دنيا جي غريب ملڪن ۾ ترقيءَ جو ريشو سرسري گهٽيو آهي. يو اين ڊي پي آر جي رپورٽ ۾ اهي سڀ حالتون ۽ صورتحال تفصيل سان ڄاڻايل آهن، ته اهي سڀ غريب ملڪ سدائين پريشاني ۽ ڏک واري صورتحال ۾ رهن ٿا، جن وٽ روزگار جي اڻ هوند جي ڪري مسئلا وڌندا ٿا رهن. اها رپورٽ ڪرونا کانپوءِ جي ملڪن جي معيشت به ٻڌائي ٿي ته جيڪي ملڪ ان وبا دوران گهڻا متاثر هئا، اهي اڃان تائين انهن مسئلن مان نڪري ناهن سگهيا، انهن ملڪن ۾ ڪووڊ کانپوءِ واري معاشي صورتحال اڃان تائين منجهيل رهندي آئي آهي ۽ زندگي انهن ملڪن ۾ اڃان تائين معمول تي واپس ناهي آئي. گهڻي ڀاڱي جيڪي ملڪ ٻوڏن ۽ سيلابن جي ڪري متاثر رهن ٿا، انهن وٽ زندگي بحال ناهي ٿي ۽ انهن ملڪن جي ڪچين آبادين جي سهائتا ناهي ٿي سگهي. انهن جي تباھ ٿيل جاين جي ڪا خاطرخواھ نگهباني يا حڪومت جي طرفان ڪا سارسنڀار ۽ پوئواري ناهي ٿي. مصيبت اها به آهي ته جن علائقن ۾ اهڙي صورتحال رهي ٿي اتي زندگي ساڳي ٽريڪ تي فورن موٽي نه ٿي اچي، توڙي جو هيل وارين گرمين ۾ بارشين جي گهڻائي رهي، پر 2022 ۾ ڪڏهن دريائي ٻوڏون ڪڙڪيون ته ڪڏهن اربن فلڊ اچي ويو، پر ملڪن جي معاشي سگهھ ايتري نه ٿي هجي جو اهي وري پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن.

گرميءَ جي پد جي واڌ جي ڪري مسئلا پنهنجي جاءِ تي پر سياري جي سخت دٻاءَ جي ڪري به انيڪ مسئلا سامهون ٿا اچن. سخت ڪوهيڙي جي ڪري ڏينهن جا ڏينهن هوائي سفر به معطل ٿا رهن، ته اتي وري زميني سفر به پريشاني جو باعث هجن ٿا. ٽريفڪ جي سخت دٻاءَ جي ڪري ڪاروبار به متاثر رهن ٿا ۽ حادثن ۾ به واڌ ٿي اچي. جيڪي روڊ رستا گرميءَ جي موسم ۾ ٻوڏن جي متاثر ٿين يا ڀڄي ڀُري ٿا پون، انهن جي بجيٽ پاس ٿيڻ ۽ وري ٺهي راس ٿيڻ ۾ به وقت ٿو لڳي، تان جو وري ساڳي موسم مٿان اچي ٿي بيهي، جنهن جي ڪري اهي علائقا مستقل مسئلن جي ور چڙهيل رهن ٿا جيڪي وري سڌا نه ٿا ٿين، اتي وري موسم جي ڪري معاشي ترقي ممڪن نه ٿي هجي. يو اين ڊي پي آر، هيومن لائيف انڊيڪس، اَن سَرٽين ٽائيمز ۽ اَن اسٽيبلائيزڊ جي به ساڳي رپورٽ آهي ته انهن غريب ملڪن ۾ صورتحال هاڻي غيريقيني ٿي پئي آهي. خاص انهن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪي ايترا صنعتي به ناهن ۽ جي زرعي به آهن ته انهن وٽ نظام ڪمزور آهن، جيڪي موسمن جا ڌَڪ جهلي نه ٿا سگهن، انهن وٽ گذريل ڏهاڪن ۾ اهڙي غيريقيني صورتحال ڏسڻ ۾ آئي آهي. ماضيءَ جي وبائي مرضن، طوفانن، بارشن ۽ سيلابن تي جي نظر ڊوڙائبي ته اهو ضرور ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي اميرملڪ ۽ خطا هڙئي قدرتي مصيبتون سهي به ويا ۽ وقت سر وري اڀري به آيا. پر هاڻي موسمن جي ستم ظريفي غريب ۽ اميرملڪن جي لاءِ هڪ واضع پولرائيزيشن واري ليڪ ڪڍي ڇڏي آهي ته جيڪي به ٽين دنيا جا ملڪ آهن اهي ڏينهون ڏينهن ويندا تباھ ٿيندا ۽ غريب ٿيندا. اهي غريب ملڪ جيڪي موسمي دٻائن سان گڏوگڏ معاشي دٻائن کي به منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جي ڪري اهي غيرمسحڪم ٿيندا ويندا ۽ انهن ۾ سماجي ۽ معاشي طرح غيرمتوقع تبديليون اينديون وينديون. ڳڻتي اها به آهي ته جيڪي ملڪ اندروني سياسي اڻبڻت ۾ اڙيل رهن ٿا يا بين الاقوامي پريشر به سهن ٿا، انهن جي لاءِ ٻيڻي مصيبت ٿي پئي ٿي ته اهي ڪهڙي مصيبت کي منهن ڏين، ڇو ته شيون انهن جي ضبط ۾ نه ٿيون هجن. ان ڪري جو هڪ ته رياستي جبر ۽ ستم ظريفي ۽ ٻيو وري فطري عملن جي ڪري اهڙيون مصبتون مٿان اچي ٿيون ڪڙڪن جن جو ڪنٽرول انهن غريب ملڪن جي هٿ ۾ ناهي رهيو.

رپورٽ انهن معاملن کي به نبيري ٿي جيڪي ڊگهي عرصي واري پلاننگ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، جن ۾ ڊگهي عرصي واري صحت مند زندگي گذارڻ، تعليم تائين رسائي، مناسب معياري زندگي، طبعي عام سهولتون، پيئڻ جو صاف پاڻي، سيفٽي، سيڪيورٽي ۽ روزگار جون ممڪن سهولتون وغيره وغيره. ان ڪري انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جهڙن ملڪن کي وڌيڪ سوچڻو پوندو، ڇو جو اسان جي آباديءَ جو 40 سيڪڙو غيرمحفوظ آهي ۽ اسان وٽ بنيادي سهولتن جي اوڻاٺ آهي. هن رپورٽ ۾ انساني سلامتي ۽ ترقي سان لاڳاپيل وسيع مسئلن تي ماهرن جا بهترين مضمون پڻ شامل آهن. انهن بحثن مباحثن مان اها ڳالھه  سمجهي سگهجي ٿي ته پولرائيزيشن جا ڪهڙا خاص نتيجا سبق آموز آهن يا ٿي سگهن ٿا. مثال طور تي: مختلف قسمن جي جيڪا غير يقيني صورتحال جڙي ٿي ان کي ڪيئن منهن ڏجي، انساني عدم تحفظ ۽ غير محفوظ ماحول پولرائيزيشن کي ڪيئن وڌائي ٿو، جنهن ۾ غريب ۽ امير جي زندگي جا اسٽائيل الڳ الڳ ٿي ٿا بيهن. هڪ سوچ اها به آهي ته انفارميشن سسٽم ۾ به اڻ برابري آهي ۽ تباهي واريون تبديليون پڻ پولرائيزيشن کي تيز ڪن ٿيون. اتي عدم مساوات جي بلند ٿيندڙ سطح هڪ غير يقيني صورتحال جو سنگم پڻ آهي، جنهن جو هڪ نتيجو آمر اڳواڻن جي حمايت ۾ اضافو پڻ آهي. هونئن اهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ يا ان بامقصد عمل ۾ رڪاوٽ جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو ته سياسي ۽ سماجي پولرائزيشن جو تيز هجڻ هڪ مفلوج سماج جي وڌڻ جو ڪارڻ پڻ آهي، جنهن جا اثر خراب ٿي سگهن ٿا ۽ جيڪو اجتماعي طور تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت کي گهٽائي ٿو. تنهن ڪري جڏهن مسئلا ۽ حل واضح هجن ته اتي رياست جي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ ناڪامي ڇو آهي؟ رپورٽ ۾ دليل ڏنو ويو آهي ته پولرائيزيشن هڪ انتهائي خطرناڪ شڪل وٺي سگهي ٿي. يا جيڪي آباديون مورڳو ئي هڪ نئين ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز طرف فعال آهن تڏهن اشرافيا ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ هڪ پولرائيزڊ ليڪ نڪتل آهي جيڪا طبقاتي خيالن کي تقويت ڏئي ٿي، جيڪي غيرجمهوري رويي جي وڌيڪ روادار بڻجي وڃن ٿا، جن ۾ معاشي قدر وڃائجن ٿا جنهن سان سماجي ورڇ ۽ پولرائزيشن کي طاقت ملي ٿي ۽ معاشرو ورهائجي وڃي ٿو.

رپورٽ جي مطابق غريب ملڪن تي ٽي خاص دٻاءَ رهن ٿا جن کي گهٽ ڪرڻ سان ڪجهھ آسانيون ٿي سگهن ٿيون: جن ۾ پهريون سياري جي سخت سيءَ جو پريشر، جنهن کي آسان ڪرڻ سان زندگي آسان بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته سياري جي موسم به ڪم ڪرڻ، ڪاروبار هلائڻ ۽ ٽريفڪ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ به وڏو مسئلو هجي ٿو. ٻيو سياسي عدم استحڪام به ڪنهن صورت گهٽجي ته جيئن ٻاهرين ملڪن جي سيڙپڪارين ۾ تيزي اچي سگهي، ڇو ته سياسي عدم استحڪام جي ڪري سيڙپڪارن کي سيڪيورٽي جا مسئلا ڏسڻا ٿا پون، جنهن جي سبب اهي سيڙپڪار پيسا نه ٿا سيڙائن، ۽ انهن جو ڀروسو بحال نه ٿو ڪري سگهجي. ٽيون مسئلو گرمين جي مند ۾ بارشن جي گهڻائي آهي، جنهن جي اپائن لاءِ مستقل بنيادن تي ڪم ٿيڻ کپي، ان ڪري جو اڳواٽ کنيل قدم زندگيءَ ۾ بهتري آڻي سگهن ٿا، نتيجي ۾ معاشي ۽ معاشرتي بهتري آڻي سگهجي ٿي. رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڪستان سان گڏ 191 اهڙا ملڪ جن جي درجابندي ستن درجن تائين هيٺ ڪري آهي ۽ اهي هاڻي لائيف انڊيڪس ڊولپمينٽ واري فهرست ۾ 161 تي اچي بيٺا آهن، جيڪي دنيا جي 32 گهٽ ترقي وارن ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا. 2022 ۽ 2023 ۾ پاڪستان جي رينڪنگ 189 ملڪن مان 154 تي هئي جنهن ۾ سريلنڪا 71 نمبر تي هيو، بنگلاديش 129 درجي تي هيو ۽ ڀارت 132 نمبر تي هيو. ايڇ ڊي آءِ جي اهڙي رينڪنگ زندگي گذارڻ جي طريقن ۽ نمونن کي ٺاهي جوڙي سمجهائي ٿي ۽ ان ڳالھه  جي به تنبيهھ ٿي ڪري ته اهي ملڪ جيڪي اهڙي درجا بندي ۾ گهٽ آهن اهي گهربل اپاءَ وٺن ۽ عام ماڻهن جي زندگي آسان بڻائن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.