پيپلزپارٽي ڪراچي جي اميدوارن جا مختلف علائقن ۾ دورا، عوام پاران مڪمل حمايت جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي جي اميدوارن چونڊن مهم جي سلسلي ۾ مختلف علائقن ۾ دورا ڪيا

پي ايس 84 جي  پيپلزپارٽي اميدوار محمد يوسف بلوچ ۽ اين اي 229 جي اميدوار عبدالڪريم جوکيو ۽ ٻين ملير جي يوسي معيدان جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو.

علائقي واسين پاران اڳواڻن جي گلن جي ورکا ڪري شاندار اسقتبال ڪيو ويو.

اڳواڻن ڳوٺاڻن کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي مسئلن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ملڪ جي واحد پارٽي آهي، ملڪ جي عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي.

هنن   چيو ته اٺ فيبروري تي سڄي ملڪ جي عوام پيپلزپارٽي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندي، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀُٽو زرداري هوندو.

علائقي واسين پيپلزپارٽي اميدوارن تي اعتماد جو اظهار ڪندي کين مڪمل حمايت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.