اتحادي حڪومت ، ختم ٿيڻ کان پوءِ نگران حڪومت وجود ۾ آئي جيڪا گذريل حڪومت جي نقش قدم تي هلڻ لڳي. ڪو به عوام جي سک ۽ سهولت لاءِ قدم ڪونه کنيو اٿس. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ ڪا نواڻ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ساڳئي مهانگائي بدامني ، رشوت خوري ۽ ڪرپشن جي بازار گرم آهي. نگران حڪومت انهن شين تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب رهي آهي. هن ، حڪومت جيڪي ، اعلان ڪيا. پاليسيون ٺاهيون. انهن تي عمل ڪونه ڪرايو ويو. اهي منصوبا اڌورا رهجي ويا.
ڪجهه ڏينهن اڳ اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته حڪومت صوبي ۾ رولو ڪتن جي خاتمي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪتن کي ماريو ويندو ته جيئن عوام سک سان گهمي ڦري سگهي. ٽائون ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جي انتظاميه کي حڪم مليا ته رولو ڪتن کي ماري ختم ڪيو. اهو ٻڌي دلي خوشي محسوس ٿي حڪومت جي ان اعلان تي ماڻهن ۾ سرهائي محسوس ٿي. ڄاڻايل انتظاميه تحرڪ ۾ اچي ويئي. ميونسپلٽي ، ٽائون ڪاميٽي ۽ يونين ڪائونسل جي عملي چند ڪتا ماري ،مئل ڪتن جون تصويرون ڪڍي اعليٰ عملدارن کي ڏياري موڪليون ۽ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن تي بالا آفيسر به خوش ، راضي ۽ مطمئن ٿي ويا. جڏهن تصويرون مٿي موڪليون ويون. تنهن کان پوءِ ڪتن مارڻ وارو سلسلو مورڳو بند ڪيو ويو. رولو ڪتا ته گهمندا رهن ٿا. شايد ڪتن مارڻ جي مهم لاءِ جيڪا رقم ملي. سا، واسطيدار عملي جي کيسي خرچي ٿي ويئي. باقي چند ڪتن کان وڌيڪ اهي ڪونه ماريا ويا. اهي ، ساڳيا ولر ڪيو گهمندا وتن ۽ ماڻهن لاءِ آزار بنيل آهن. انهن ڪتن جي ڏاڙهڻ جون روزانه خبرون ، اخبارن ۾ ڇپجي رهيون آهن. جيڪي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته ، ڄاڻايل اسڪيم مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي آهي. تازو ڪنري شهر جي خبر پڙهيم. خبر موجب ڪنري ۾ ڇتن ڪتن پنجن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو. انتظاميه شهر توڙي ڀرپاسي ڪتا مار مهم شروع نه ڪئي آهي. ڪتن جي حملي ۾ پنج ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آهن. ڪمشنر جا حڪم نه هليا. رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار برقرار آهي.
سنڌ جي ٻئي شهر سيٺارجا ۾ به ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. نمائندي موجب ڇتي ڪتي جي چڪڻ سبب سينيئر صحافي زاهد گل سولنگي جي ڀاڻيجي حسن رضا سولنگي جي گهر ۾ داخل ٿي کيس چڪي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هاڻ ، هو زير علاج آهي ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان ڪتن جي وڌندڙ آزار بابت معلومات ملندي رهي ٿي. پر، موجوده حڪومت انهن کي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. انتظاميه ڪتا مار مهم جي رکيل بجيٽ هڙپ ڪري ويئي آهي.
وفاقي نگران حڪومت اچڻ سان افغانين کي واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو اعلان ڪيو ۽ پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ منصوبا بند ڪئي. سنڌ مان ڪي ٿورا افغاني پٺاڻ پنهنجي ڏيهه موڪليا ويا. باقي لکن جي تعداد ۾ پٺاڻ ، سنڌ ۾ موجود آهن. جيڪي غير قانوني هتي رهن ٿا. تن کي سوگهو ڪري واپس ڪونه موڪليو ويو آهي ، سنڌ حڪومت کين قابو ڪري ڪونه سگهي. صرف ، اها دعويٰ ڪئي پئي ويئي ته ، سنڌ حڪومت ، وفاق سان تعاون ڪندي هيترا پرڏيهي واپس موڪليا آهن. اهي صرف اعلان هئا ۽ ڪوڙيون دعوائون هيون. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پٺاڻ گهمي رهيا آهن. انهن کان ڪير پڇڻ وارو ڪونه آهي. جڏهن سنڌ جي ماڻهن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو ٻڌو ته ، ڏاڍي سرهائي محسوس ڪئي. پر، جڏهن ڪن ٿورن ماڻهن کي واپس موڪلي وڏي دعويٰ ڪئي ويئي ته ، هتان جا رهواسي مايوس ٿي ويا. سنڌ جي نگران حڪومت پرڏيهين کي پڪڙي، نيڪالي ڪونه ڏيئي سگهي. سنڌ جون سڄاڻ ڌريون، مطالبو ڪنديون رهيون ته ، گهڻي تعداد ۾ پرڏيهي هتي موجود آهن. انهن جي نيڪالي لاءِ قدم کنيا وڃن. پر، حڪومت ، ان سلسلي ۾ مڪمل خاموش ٿي ويئي. ڪنهن جي به ڪونه ٻڌي ويئي. پرڏيهي به چند ڏينهن لڪي ويا هئا. سي، هاڻ ظاهر ٿي پيا آهن. آزادي سان گهمندا وتن. کين ڪا پرواهه ئي ڪونه آهي. چوڻ جو مطلب سنڌ حڪومت ڌارين جي نيڪالي ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي ۽ عوام کي مايوس ڪيو اٿس.
سنڌ ۾ نشي جون شيون عام و جام استعمال ڪيون پيون وڃن. گهٽڪي ،مين پڙي ، زيڊ 21 ، ڀنگ ، چرس ، آفيم ۽ شراب سميت هر قسم جو نشو ٿي رهيو آهي. موالين جي تعداد ۾ روز بروز واڌ ٿي رهي آهي. منشيات جو وڪرو کلم کلا ڪيو پيو وڃي. اڳ ۾ موالي لڪي ڇپي نشو ڪندا هئا. پر، هاڻ سرعام نشو ٿي رهيو آهي. ڪا به جهل پل ڪونه ڪئي پئي وڃي. انتظاميه غائب آهي ڪير پڇڻ وارو ڪونه ٿو سجهي. انهن شين جو وڪرو پوليس جي سرپرستي ۾ ڪيو پيو وڃي. ان ڳالهه جي گواهي ۽ شاهدي لاءِ هتان جون اخبارون ۽ ميڊيا ڪافي آهن. روزانه اهڙيون خبرون اخبارن ۾ ڇپجي رهيون آهن. نشي واريون شيون وڪرو ڪندڙن کان پوليس منٿليون وٺي رهي آهي. جنهن ڪري رشوت ۾ اضافو پڻ ٿئي پيو. ڪيترائي پوليس وارا پاڻ نشو ڪري رهيا آهن ۽ اهي نشي ۾ ڌت هوندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اهو معلوم ٿيم ته ، هڪ ضلعي پوليس آفيسرن ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي نشي ڪرڻ ۽ نشي جون شيون وڪرو ڪندڙڻ جي سرپرستي جي ڏوهه ۾ معطل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا آفيسر جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ هجن ته لڳي ٿو ته هڪ به موالي ڪونه رهندو ۽ نه وري پوليس ڪا سرپرستي ڪري سگهندي. جڏهن موجوده نگران حڪومت کي اقتدار مليو. تڏهن سنڌ جي هڪ نگران وزير چيو ته ، هتي منشيات جو مڪمل خاتمو آڻبو. پر، اهو کوکلو اعلان هو ڄاڻايل حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل طرح فعل ٿي چڪي آهي.
هاڻ ته چونڊ ويجهي اچي رهي آهي. اليڪشن ٿيڻ کان پوءِ نگران حڪومتون (صوبائي توڙي قومي) ختم ٿي وينديون. چونڊيل نمائندا ايوان ۾ پهچندا. انهن کي ملڪ جي ڪار وهنوار هلائڻ جي ذميواري سونپي ويندي. نگران حڪومت وڃڻ واري آهي. پر، هن وقت تائين ان ڪو به ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. ساڳئي بدامني هلي رهي آهي. رشوت خوري ، اقربا پروي ، وياج خوري عروج تي پهتل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪو به ادارو قانون موجب ڪونه ٿو هلي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ، ملڪ ۾ قانون نالي ڪا ، شيءِ موجود ڪونه آهي. قتل غارتگري جي بازار گرم آهي. قبائلي جهيڙا وڌن پيا. ايتري قدر جو هتان جا رهواسي پرڏيهه ۾ وڃي قبائلي جهيڙا ڪري رهيا آهن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي. عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. خاص ڪري طبي سهولتون موجود ڪونه آهن. صفائي ڪٿي به نظر ڪونه ٿي اچي. صاف پاڻي جي فراهمي ڪونه ٿي رهي آهي. غربت وڌندي پئي وڃي. مهانگائي تي ڪنٽرول ڪونه پيو ٿئي. واپاري حضرات شين جا هٿرادو اگهه مقرر ڪيو ويٺا آهن. انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونه آهي. جنهن ڪري واپارين جو به من وڌندو پيو وڃي. غريب ماڻهو ، غربت جي ڪري زندگي سورن سان گذارين پيا. اهي ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان حال آهن. غربت جي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.
مطلب ته ، نگران حڪومت ، عوام جي بهتري لاءِ ڪي به قدم ڪونه کڻي سگهي آهي. جيڪي پاليسيون ٺاهيون آهن. جن جا اعلان ڪيا اٿس. تن مان ڪي به قدم ڪونه کڻي سگهي آهي. جيڪي پاليسيون ٺاهيون آهن. جن جا اعلان ڪيا اٿس تن مان ڪنهن به هڪ پلان ۽ منصوبي تي عمل ڪونه ڪيو ويو آهي.