صوبائي وزير معدنيات کي پنھنجا لفظ واپس وٺڻ گھرجن

ھونئن ته ڪارونجھر جبل کي آھستي آھستي ڪٽڻ جو سلسلو گھڻو پراڻو آھي، جيڪو گذريل ڪيئي ڏھاڪن کان ھلندو پئي آيو، جنھن ۾ چونڊيل حڪومتون به ملوث رھيون آھن، پر ان ۾   تمام گھڻي تيزي موجوده نگران حڪومت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

تاريخي ۽ قومي ورثي ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جي خلاف سنڌي ماڻھن ڀرپور احتجاجي مظاھرا ڪري سخت ردعمل ظاھر ڪيو ۽ سنڌي وڪيلن پڻ عدالت جو در کڙڪائي ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته نگران سرڪار سنڌي ماڻھن جي راءِ جو احترام ڪرڻ جي بدران  ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ جي فيصلي کي سپريم  ڪورٽ ۾ چينلج ڪيو. ان عمل مان لڳي ٿو ته نگران حڪومت پنھنجو مدو ختم ٿيڻ تائين ڪارونجھر کي ڪٽڻ لاءِ پنھنجي پوري ڪوشش ڪندي رھندي ۽ پنھنجا پورا وسيلا خرچ ڪندي،  ڇو ته اھا پنھنجي عملن ۾ ڪارونجھر جبل کي ڪٽڻ تي بضد نظر اچي ٿي.

ويجھي ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي معاملي بابت به سنڌين جي پر امن احتجاج کي ڪا اھميت نه ڏني ويندي ھئي، ۽ ان وقت به وفاقي حڪومت جو رويو اھڙو ئي ھوندو ھو، جھڙو ھاڻ نگران سرڪار جو سنڌ جي ماڻھن سان آھي.جيتوڻيڪ ڪن مجبورين سبب اھي ڪالاباغ ڊيم ٺاھي ناھن سگھيا، پر اڃان به رکي رکي ڪڏھن اھڙي خواھش ظاھر ڪندا آھن، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اشرافيه پنھنجي ھوڏ تان ڪنھن به طرح لھڻ لاءِ تيار ناھي ۽ سندن ايجنڊا ۾ ڪارونجھر جي ڪٽائي، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ۽ ارڙھين ترميم جو خاتمو شامل آھي.

گذريل خميس واري ڏينھن تي معدنيات وارو صوبائي وزير خدا بخش مري پاڪ ڪتاب کڻي ڪراچي پريس ڪلب پھتو، جتي ھن قسم کڻي چيو ته اسان معدنيات جي ذريعي دبئي کان به اڳتي نڪري وينداسين. ان موقعي تي ھن ڪارونجھر جبل جي تحفظ جي ڳالھه ڪندڙن کي بيوقوف سڏيو آھي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ياد رھي ته ساڳئي وزير ڪجھه مھينا اڳ پڻ ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جي خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻھن کي ملڪ دشمن سڏيو ھو.

اھو ھڪ وڏو سوال آھي ته ھڪ صوبائي وزير کي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي، جنھن جو حڪومتي مدو ختم ٿيڻ ۾ باقي وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينھن بچيا آھن. عام طور تي پاڪ ڪتاب ماڻھو ذاتي مسئلن جي حل لاءِ کڻندا آھن. ان لاءِ صوبائي وزير جي ان عمل مان معلوم ٿئي ٿو ته نگران سرڪار ڪارونجھر سان ذاتي دشمني تي لھي آئي آھي.

ڪارونجھر جي ڪٽائي سان سنڌ ۾ جيڪو معاشي انقلاب ايندو، اھو ڪنھن کان به ڳجھو ناھي. ٿر مان روز جي بنياد تي ھزارين مڻ ٽن ڪوئلو نڪري ٿو، پوءِ ٿر ۾ بک بدحالي ڇو آھي؟ اھو دبئي ته ٺھيو پر پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان کان به اڳتي ناھي نڪري سگھيو ڇو؟ ٿرڪول پاور پلانٽ ۾ ڪيترا مقامي ملازم آھن ۽ غير سنڌي ملازمن جو انگ ڪيترو آھي؟

صوبائي وزير خدا بخش مري اھو ٻڌائي سگھي ٿو ته سنڌ ۾ جتي جتي گئس نڪري ٿو، اتان جا ڳوٺ ۽ شھر گئس جي سھولت کان ڇو محروم آھن؟سوئي گئس، قادر پور، ماڙي گئس ۽ ڪشمور جا ڳوٺاڻا ڇيڻا ۽ ڪاٺيون ٻارڻ تي ڇو مجبور آھن؟ کين گئس نٿي ملي ته ٺھيو پر جتي گئس نڪري ٿو، اتي ترقياتي ڪم ڇو نٿا ٿين؟

اروڙ جا جبل ڪٽي کپايا ويا آھن ته اسين دبئي کان اڳتي نڪري ڇو نه سگھيا آھيون؟

باقي ڪارونجھر بچيو آھي، جنھن کي کپائي اسان خوشحال ٿينداسين. اھڙو سون ئي گھوريو جيڪو ڇني، صوبائي وزير خدا بخش مري جن ماڻھن کي بيوقوف سمجھي ٿو، اھي بيوقوف نه پر باشعور ۽ محب وطن آھن.

ڪارونجھر جبل سنڌ جو ثقافتي، تاريخي ۽ قومي ورثو آھي، جنھن سان ھٿ چراند ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي.ڪارونجھر جي معاملي تي سنڌي ماڻھو لڳاتار احتجاج ڪندا رھيا آھن،  پر سندن احتجاج کي ڪابه اھميت نه پئي ڏني وڃي. حڪومت کي گھرجي ته ماڻھن کي پر امن رھڻ ڏئي ۽ انھن جي احتجاج کي اھميت ڏئي سندن جائز گهرجون پوريون ڪري، سڌريل ۽ جمھوري  ملڪن ۾ ايئن ئي ٿيندو آھي پر ھتي ته گنگا ئي ابتي وھي ٿي، احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري سندن مسئلا حل ڪرڻ بدران مٿن تشدد ڪيو وڃي ٿو. گذريل ٻن مھينن کان اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھڻي ويٺل بلوچن ڏانھن ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ڪو به لڙي نه آيو، جنھن جي نتيجي ۾ بلوچ نياڻيون نراس موٽڻ تي مجبور بڻجي ويون. جڏھين ڳالھين جا دروازا بند ڪيا ويندا آھن ته پوءِ اتي گھرو ويڙھه جو خدشو پيدا ٿي پوندو آھي. پر امن احتجاج کي نظر انداز ڪري خبر ناھي اشرافيه ملڪ کي ڪيڏانھن وٺي وڃڻ چاھي ٿي؟ جڏھن ته ملڪ اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي مسئلن ۾ گھيريل آھي.

صوبائي وزير معدنيات خدا بخش مري کي پنھنجا گُٿا لفظ واپس وٺي سنڌي ماڻھن کان معذرت ڪرڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.