سن (ن ع آ) سن ۾ ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جو ايس ايڇ او پير ممتاز احمد پنهنجي خانگي گاڏي ڪار ۾ پوليس اهلڪار ساڻ ڪري سن ۾ ڪئبين تي چڙهائي ڪري نوجوان رياض علي شاهاڻي کي کنڀي ٿاڻي تي کڻي ويو. اهڙو اطلاع ملڻ تي شاهاڻي برادري جا سوين مرد ڇڇر ٿاڻي تي پهتا جن کي ڏسي ايس ايڇ او نوجوان کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري گم ڪري ڇڏيو۔ ۽ نوجوان جي وارثن کي ڪجهه ٻه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. پوليس جي اهڙي عمل خلاف شاهاڻي برادري جي ماڻهن انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو. روڊ بلاڪ هجڻ سبب مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ سوين گاڏيون روڊ جي ٻنهي طرفن کان بيهجي ويون. لڳاتار هڪ ڪلاڪ روڊ بند هجڻ سبب مسافر پنهنجي منزل ڏانهن وقت سر پهچي نه سگهيا ۔ ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ سڪندر شاهاڻي ۔ عطاءُالله شاهاڻي ۔ برڪت شاهاڻي صدورو شاهاڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او ڇڇر بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي اسان جي نوجوان رياض علي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ايس ايڇ او اسان کي ڪجهه به ٻڌائڻ جي لاء تيار ناهي ۔ هنن چيو ته نوجوان کي بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀي گم ڪرڻ پوليس جي سرعام غنڊاگردي آهي جيڪا اسان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسون جيڪڏهن رياض علي ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي ته ايس ايڇ او ان کي لاڪپ ڪري ان مٿان ڪيس داخل ڪري ها پر هن قانون جي پاسداري ڪرڻ بجاء جهنگ واري قانون جو رستو ورتو آهي. جنهن کانپوء ڊي ايس پي آمري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کرايو.