ميرپورخاص ۾ سياسي هلچل، متحده ۽ آزاد اميدوارن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) ميرپورخاص ضلع جي سياست ۾ نئين تبديلي متحده ۽ ازاد اميدوارن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تي متحده آزاد اميدوارن کي سپورٽ ڪندي هڪ صوبائي تي آزاد متحده جي حمايت جو اعلان ،پيپلزپارٽي جي باغي آزاد اميدوار سيد علي نواز شاھ ، متحده جي ڊسٽرڪٽ انچارج خالد تبسم ، صوبائي تڪ پي ايس 45  تي متحده قومي مومينٽ جي ٽڪيٽ هولڊر ڊاڪٽر ظفر ڪمالي، پي ايس 47 تي جي ڊي اي اميدوار مير جان الله ٽالپر ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ گڏيل طور هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ۾ سندن وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي چڪي آهي جنهن تحت متحده قومي مومينٽ پاڪستان قومي تڪ اين اي 211 اين اي 212 تي پيپلزپارٽي جي باغي  آزاد اميدوار سيد علي نواز شاھ  صوبائي تڪن پي ايس 46 پي ايس 47 تي آزاد اميدوارن  سيد شجاع محمد شاھ ۽ جي ڊي اي جي مير جان الله ٽالپر جي مڪمل حمايت ڪندا ، ان جي موٽ ۾ آزاد  اميدوار سيد علي نواز شاھ پينل ۽ جي ڊي اي مير جان الله ٽالپر پاران صوبائي تڪ پي ايس 45  ميرپورخاص شهر تي  ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي جي مڪمل حمايت ڪندا، پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي تي آزاد اميدوار سيد علي نواز شاھ، ڊاڪٽر ظفر ڪمالي، مير جان الله ٽالپر چيو ته پيپلزپارٽي 15 سالن جي اقتدار ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها ڪري سمورا ادارا جن ۾ اسڪول، اسپتالون ، صحت مرڪز ،  ڪاليج  تباھ ڪري انهن جي فنڊ ۾ کربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي جنهن جو احتساب ٿيڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.