ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر طرفان ميرپورخاص ۾ دوري دوران پارٽي اڳواڻن، اميدوارن ۽ نمائندن سان اجلاسن بابت اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، خميس ڏهاڙي فريال ٽالپر ٽالپر هائوس جي ايم ٽائون ۾ پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن، ضلع عهديدارن ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائيندن سان ڌار ڌار اجلاس ڪيا هئا، ذريعن موجب فريال ٽالپر پارٽي جي ضلعي ۽ تعلقن جي عهديدارن ۽ نامزد اميدوارن جي عوامي رابطن تي سست عمل تي سخت جو اظهار ڪيو ته کيس ميرپورخاص ضلع ۽ شهر ۾ پارٽي پبلسٽي جو ڪو ڪم نظر نه آيو، ذريعن موجب هن عهديدارن ۽ اميدوارن تي ڪاوڙ ڪندي کين هدايت ڪئي ته 3 فيبروري تي بلاول ڀٽو زرداري جي ميرپورخاص جي جلسي ۽ 8 فيبروري تي پارٽي جي ڪاميابي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن، رابطي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري مير حسن ڌونڪائي چيو ته فريال ٽالپر صاحبه اليڪشن ۽ پارٽي چيئرمين جي ميرپورخاص ۾ عام جلسي جي تيارين جي حوالي عهديدارن ۽ نامزد اميدوارن سان گڏجاڻي ڪئي هئي جنهن تي هن پارٽي عهديدارن ۽ نامزد اميدوارن جي جاري چونڊ مهم ۽ پارٽي چئيرمين جي ٿيندڙ جلسي جي تيارين تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ڪنهن به عهديدار يا اميدوار تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو هو.