چين کي 2 ارب ڊالر قرض جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد (م ڊ)  پاڪستان چين کي 2 ارب ڊالر قرض رول  اوور ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، ذريعن مطابق نگران  وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ  چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ کي خط لکي 2 ارب ڊالر جو قرض رول اور ڪرڻ جي درخواست  ڏني، ذريعن مطابق خط ۾ پاڪسان چين سان هڪ سال جي اندر قرض وٺڻ جي درخواست ڏني، چين جي طرفان 2 ارب ڊالرن جو قرض هڪ سال جي اندر رول اور ٿيڻ جو امڪان آهي.

عام چونڊون، آر اوز کي مئجسٽريٽ اختيار ملي ويا

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ مئجسٽريٽ جا اختيار ضلعي رٽرننگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن کي ڏئي ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي اختيار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

فن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته فن، جماليات، جذبات ۽ ڪهاڻيون انسانيت جي ياد ڏيارڻ جو ڪم ڪن ٿيون جيڪي اسان کي  انسان بڻائين ٿيون. هن اهڙو اظهار جمعي ڏينهن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان (اي سي پي) ڪراچي پاران منعقد ڪيل آرٽس ڪائونسل اڪيڊمڪ ڪانووڪيشن 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي  سڌ سما ءَ جو نگران وزير ۽ صدر آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان محمد احمد شاهه، عمان، ترڪي، سريلنڪا ۽ قطر جي قونصل جنرلن، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، سينيئر صحافين، ناليوارن فنڪارن سميت فيڪلٽي، شاگردن ۽ والدين شرڪت ڪئي. هن  چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان هميشه انهن شعبن جي پرورش ۽ هٿي وٺرائڻ ۾ ثابت قدم رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.