صدام لاشاري جو قتل ثابت، پوليس مقابلو جڙتو قرار، ڪيس داخل، 4 اهلڪار گرفتار

جيڪب آباد(رپورٽ:سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد ۾ ٺل واسي نوجوان صدام لاشاري کي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪندڙ 7 اهلڪارن سميت 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، 4 اهلڪارن جي گرفتاري ظاهر، جيڪب آباد ۾ 8 مهينا اڳ ٺل واسي نوجوان صدام لاشاري کي مقابلي ۾  ماريندڙ واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀيڻ حسينا لاشاري جي فرياد تي آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي، اڳوڻو ايس ايڇ او آباد نبي بخش ڏاهاڻي، اهلڪارن شهزادو کوسو، غلام مرتضيٰ عرف ڀٽو ٻرڙو، اميرو نوناري، اسلم گورشاڻي، ممتاز ڪٽو سميت ٺل ٿاڻي تي صدام لاشاري خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ خانگي فريادي غلام ياسين ٻرڙو کي جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ اغوا، غيرقانوني حراست ۾ رکڻ ۽ قتل جو قلم شامل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فريادڻ حسينا لاشاري موقف اختيار ڪيو ته 27 مئي 2023 تي منهنجي ڀاءُ کي ٺل ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي گرفتار ڪيو جنهن کانپوءِ اسان کان 10 لک رشوت گهري وئي رشوت نه ڏيڻ تي ٻه ڏينهن کانپوءِ ڀاءُ جو لاش جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي مان مليو پوليس مقابلو ڄاڻائي ڀاءُ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ڪيس ۾ اهو به ذڪر ڄاڻايو ويو ته عدالتي جاچ ۾ ڀاءُ جي قتل جو ڏوهه ۾ مٿين جوابدارن کي ملوث ڄاڻايو ويو، جڏهن ته پوليس گرفتار ٿيل پنهنجي چئني پٽي ڀائي اهلڪارن غلام مرتضيٰ عرف ڀٽو ٻرڙو، ممتاز ڪٽو، اسلم گورشاڻي ۽ شهزادو کوسو جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پوليس ٻڌايو ته صدام لاشاري جي قتل جو ڪيس 7 اهلڪارن سميت 8 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي مقتول صدام لاشاري جي ڀيڻ ڪيس جي فريادڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ مون کي ڏک سان گڏ خوشي به ٿي رهي آهي ته منهنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس جوابدارن خلاف داخل ٿي ويو آهي ٺل ۽ سڄي سنڌ جي شعور جو ڪردار آهي جو ايئن ٿيو هن چيو ته مون پي يقين آهي ته منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي سخت سزا ملندي جيئن آئنده ڪوبه نوجوان منهنجي ڀاءُ وانگي بيگناهه قتل نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.