بابر اعظم تي تنقيد صحافي کي مهانگي پئجي وئي، قتل جون ڌمڪيون

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم تي تنقيد صحافي کي مهانگي پئجي وئي، صحافي شعيب جٽ ۽ سندس خاندان کي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تان قتل جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون، صحافي شعيب جٽ تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيوتي  ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  آءِ جي سنڌ، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت شعيب جٽ جي درخواست تي ڌرين کان جواب پڻ طلب ڪري ورتو آهي، وڪيل عثمان فاروق چيو ته بابر اعظم جي ناقص ڪارڪردگي تي پروگرام کانپوءِ صحافي شعيب جٽ ۽ سندس گهرواري کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون، ايف آءِ اي ۽ پوليس به سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي کان لنوائن پيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.