ميهڙ ڀرسان ڪچي ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪچي جي سرڪاري زمين جي مالڪي تان جاري پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو جاري تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا قتل ھڪ  ڄڻو زخمي ٿي پيو ڀنڊ ماڙي پوليس موجب ڀرٽ برادري جي پراڻي جاري تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ سبب ھڪ ڌر جو 20 ورھين جو نوجوان قربان علي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو ۽ 40 ورھين جو منٺار ڀرٽ زخمي ٿي پيو آھي جڏھن ته ٻي ڌر جو پيرسن 50 سالا سھراب ڀرٽ به قتل ٿي ويو آھي جھيڙي دوران ڌريون مورچابند رھيون 4 ڪلاڪن تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو جڏھن ته ھڪ ڌر جي مارجي ويل نوجوان قربان علي ۽ زخمي منٺار ڀرٽ کي وارث کڻائي سيتا اسپتال آندو جتي زخمي کي سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي ڌر جي مارجي ويل پيرسن سھراب ڀرٽ جو لاش چئن ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو، ڀنڊ ماڙي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ 5 سالن کان جاري تڪرار تان ڌرين جا ھن وقت تائين 10 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.