گهوٽڪي ڀرسان گهوٽا، ڀيري تڪرار تيز، فائرنگ، 2 سئوٽ قتل، لاش رکي ڌرڻو

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) گهوٽڪي ڀرسان گهوٽا ڀيري تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سئوٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش رکي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو، موٽرسائيڪل تي سوار ٽن  هٿياربندن ٽول پلازه ڀرسان فائرنگ ڪري ڳوٺ حاجي کلڻ ڀيري واسي عبدالحليم ولد عبدالحڪيم ڀيري ۽ سندس سئوٽ وڪيل ولد حاجي سلام ڀيري کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته بي سيڪشن ٿاڻو ويجهو هجڻ باوجود واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن مقتولن جي وارثن پاران لاش رکي ٽول پلازه ڀرسان ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي ويجهو واقعو ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جيڪا پوليس جي سڌي سنئين نااهلي آهي، ظلم ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.