ڪراچي ۾ آزاد اميدوارن پاران اليڪشن ڪميشن جي هدايتن جي ڀڃڪڙي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ آزاد اميدوار اليڪشن ڪميشن جي رولز جي ابتڙ پارٽي جا لوگا، جھنڊا، بينر ۽ ٻيون شيون استعمال ڪرڻ لڳا، ان  حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پي ايس 129 جي اميدوار محمد اسلم خان خٽڪ ايڊووڪيٽ، اين اي 250 جي اميدوار فرقان علي، پي ايس130 جي اميدوار محمد جھانزيب عالم، پي ايس-104 جي اميدوار امجد علي آصف ايڊووڪيٽ، اين اي242 ۽ پي ايس 112 جي اميدوار خواجا غلام شعيب، پي ايس113 جي اميدوار حاجي صالحين تنولي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ جيڪڏھن ھر ھڪ آزاد اميدوار اليڪشن جي ضابطي تحت پارٽي جو جھنڊو، تصوير ۽ آفيس کي پارٽي جي سڃاڻپ تحت چونڊ عمل جي لاءِ استعمال ڪري ٿو تھ اھو اليڪشن ڪميشن جي قانون جي خلاف آھي، ھنن اختيار ڌڻين کان سواءِ ڪيو تھ ڇا آزاد اميدوار ن کي ائين ڪرڻ جو قانوني اختيار حاصل آھي، جيڪڏھن نھ تھ پوءِ ھن وقت تائين قانون حرڪت ۾ ڇونھ اچي سگھيو آھي، چونڊن عمل ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو تھ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ آزاد اميدوارن خلاف قانون مطابق قدم کنيو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.