مانجهند ڀرسان هٿياربندن پيپلزپارٽي ضلعي ڪائونسل ميمبر کي قتل ڪري ڇڏيو

مانجهند/ سن (رپورٽ:بابو عمراڻي/ساگر سولنگي) مانجهند ڀرسان حبيب الله موڙ وٽ مٽيوال کوسا ۽ سنجراڻي کوسا جي ٻن ڌرين جي پراڻي ڪوئلي جي زمين جي تڪرار تان هٿياربندن شديد فائرنگ ڪندي 35 ورهين  جي پ پ ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ لاکڙا جي ڳوٺ عبدالحڪيم کوسو جي رهواسي غلام عباس کوسو ولد لقمان کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي قتل بعد علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، خاڻوٺ پوليس مقتول جي لاش کي  تعلقي اسپتال مانجهند آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو، ضلعي ڪائونسلر جي مڙهه کي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو، خاڻوٺ پوليس موجب ڌرين ۾ ڪوئلي ڪمپني جي زمين تي پراڻو تڪرار هلندڙ ھو جنهن ۾ غلام عباس کوسو حبيب الله موڙ جي سيلون مان ٻاهر نڪتو ته تاڙ ۾ بيٺل 2 موٽر سائيڪل تي 4 هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪيون آهن، جلد قاتلن کي گرفتار ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.