پاڪستان کي ايندڙ ڪجهه سالن تائين آءِ ايم ايف جي ضرورت پوندي: فچ

اسلام آباد (م ڊ) بين الاقوامي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ چيو آهي ته پاڪستان کي ايندڙ ڪجهه سالن تائين آءِ ايم ايف پروگرام جي  ضرورت پوندي،  فچ جي طرفان ايشيائي معيشت بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهڻ سان پاڪستان جي ريٽنگ وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام بعد پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ٿي وئي هئي،  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سميت اڪثر ايشيائي ملڪن ۾ 2024 چونڊن جو سال آهي، اليڪشن جي ڪري ڪيترائي ملڪ غير يقيني واري صورتحال جي ور چڙهيل آهي، اميد ته اليڪشن بعد نيون حڪومتون بهتر معاشي پاليسيون آڻينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.