ٺاروشاهه (م ڊ) سنڌ ۾ اڳوڻن چونڊيل نمائندن ۽ اميدوارن کان عوام پاران پڇاڻن جو سلسلو جاري آهي، ٺارو شاهه ۾ ڪارنر گڏجاڻي دوران پي ايس 34 تي نامزد پ پ اميدوار ممتاز چانڊيو کان سخت پڇاڻو ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ڳوٺاڻن پ پ اميدوار ممتاز چانڊيو کان سوال ڪيو ته توهان اسان کي 5 سالن دوران ڇا ڏنو؟، هاڻي ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ آيا آهيو، ڳوٺاڻن جي سوالن تي پ پ اميدوار وڌيڪ پڇاڻي کان بچڻ لاءِ گاڏي ۾ چڙهي روانو ٿي ويو، ممتاز چانڊيو ڳوٺاڻن کي سهي جواب نه ڏنو،نوشهرو فيروز ضلعي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان پي ايس 33 جي اميدوار حسن شاھ، پي ايس 34 جي اميدوار ممتاز چانڊيو ۽ اين اي 206 جي اميدوار ذوالفقار بھڻ کان چونڊ مهم دوران ڳوٺاڻن طرفان پڇاڻن جو سلسلو جاري آهي،اميدوار جتي به ورڪ لاءِ وڃن ٿا تـ عوام پاران انهن کان سخت پڇاڻو ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا پ پ اميدوار ممتاز چانڊيو ۽ ذوالفقار بهڻ کان ڳوٺاڻن طرفان پڇاڻو ڪيو ويو.