ڀلوال (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ دفعو ٻيهر مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن پيپلزپارتي جو مقابلو ضياءِ الحق مسلم ليگ سان آهي، پراڻا سياستدان نفرت ۽ تقسيم واري سياست ڪري رهيا آهن، ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهايو پيو وڃي، مان پنهنجي اليڪشن منشور جي بنياد تي وڙهيو رهيو آهيان، منهنجي لاءِ حرام هوندو ته منهنجي حڪومت ۾ ڪو سياسي قيدي هجي، حڪومت ملي تي سمورن 10 نقطن تي عمل ڪري غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪري ڇڏينداسين، جيڪو شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو ان پنهنجو منشور به ناهي ڏنو، عوام هن شخص کي ٽي ڀيرا ڀوڳي چڪو آهي، نوجوانن کي سمجهايو ته پنهنجو ووٽ ضايه نه ڪن، آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته مان اهو ڪري ئي نٿو سگهان جو مخالفن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيل ۾ وجهان ماڻهو پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن، هاڻي مقابلو شينهن ۽ تير ۾ آهي، پيپلزپارٽي آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي، هي شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا، سياسي انتقام ٻين سياستدانن کي کيڏڻ ڏيو، اسان عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيوته غريبن کي بينظير مزدور ڪارڊ ڏينداسين، عوام کي ووٽ جو حق ذوالفقار ڀٽو ڏيارو هو، پنجاب جا سياستدان بيمار ٿيڻ ٿا ته علاج لاءِ لنڊن وڃن ٿا، هي سياستدان پنهنجي علاج لاءِ اسپتال نه ٺاهي سگهيا ته عوام لاءِ ڇا ٺاهيندا، هن چيو ته ان لاءِ رائيونڊ ۾ به دل جي مفت علاج اسپتال ٺاهينداسين، پراڻن سياستدانن جيان واعدا نه پيو ڪريان، هن چيوته اسان جو رويو جمهوري آهي، اسان کي موقعو ڏيو ته پراڻي سياست کي دفن ڪنداسين،