غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جا 2 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنج سرڪل ڪراچي ڪارروائي ڪندي غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جي  2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪروڙين  ماليت جي پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي، ايف آءِ اي ڪراچي زون جي ڊائريڪٽر زعيم  اقبال شيخ جي هدايت حوالا هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ڏوهارين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ڪراچي علي مراد جي نگران هيٺ ڇاپي دوران غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾  گينگ  جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن ۾ محمد  باقر ۽ محمد فاروق شامل آهن، جن وٽان ڪروڙين ماليت جي پرڏيهي جي  پرڏيهي ڪرنسي هٿ آئي آهي، جوابدارن کي ڪراچي جي علائقي ڪلفتن مان گرفتار ڪيو ويو، جيڪي حوالا هنڊي ۽ ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسچينج ۾ ملوث هئا، گرفتار جوابدار بنا سائسنس پرڏيهي ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث هئا، ڇاپي دوران جوابدارن کان 45000 آمريڪي ڊالر هٿ آيا آهن، جوابدارن کان  هنڊي حوالا بابت رڪارڊ به هٿ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.