لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ٽڪيٽ هولڊر سلمان اڪرم راجا کي آزاد قرار ڏيڻ جي خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو، اهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سلمان اڪرم راجا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست موقف ڏنو ته پي ٽي آءِ سلمان اڪرم راجا کي اليڪشن وڙهڻ جي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي. جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن وڙهندڙ اميدوار جي بيلٽ پيپر تي پارٽي جو نالو لکيل هوندو آهي. جنهن ۾ شموليت ڪرڻ چاهي ٿو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته بيلٽ پيپرز تي آزاد اميدوار جو نالو لکيل ناهي هوندو،
-
گلشن اقبال ۾ شهرين کان ڦرلٽ گروهه جا ٻه جوابدار گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر ) گلشن اقبال ۾ ايس آءِ يو پوليس ڪارروائي ڪري بئنڪن مان رقم کڻي ويندڙ شهرين کان ڦر ڪندڙ گروهه جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس پي ايس آءِ يو عرفان سمون ٻڌايو ته ايس آءِ يو گلشن اقبال ۾ ايرو ڪلب ويجهو سروس روڊ تان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جيڪي بئنڪن مان پئسا کڻي ماڻهن کان هٿيار جي زور تي ڦر ڪندا هئا. جوابدارن جوهر آباد، نيو ڪراچي، سهراب ڳوٺ ، ناگن چورنگي، گلشن اقبال، لانڍي، سچل، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي.
-
ڪراچي: زال سان زبردستي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مڙس کي ٽي سال قيد جي سزا
ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو زال سان جبري زبردستي (ميريٽل ريپ) جي ڏوهه ۾ ڪراچي جي سيشن عدالت مڙس کي ٽي سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، انڊيپينڊنٽ جي رپورٽ موجب جاويد نالي شخص کي ميريٽل ريپ جي ڏوهه ۾ پاڪستان جي شق 377 جي تحت سزا ڏني وئي آهي، عدالت ان کي 3 سال قيد ۽ 30 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، سيشن ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي وڌيڪ هڪ مهيني جي سزا ٿي سگهي ٿي، متاثر عورت جي وڪيل بهزاد اڪبر دليل ڏيندي چيو ته 2021 ۾ زنا بالجبر جي قانون ۾ ترميم ڪئي وئي هئي، پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 375 موجب ڪنهن به عورت سان ان جي رضامندي کانسواءِ جني لاڳاپا قائم ڪرڻ ريپ آهي، متاثر عورت عدالت ۾ چيو ته جولاءِ 2022 ۾ هن جي شادي بعد هن جو مڙس ان سان مسلسل جبري زيادتي ڪندو هو، عورت چيو ته پنهنجي سس کي شادي جي ٻن مهينن بعد ان باري ۾ آگاهه ڪيو پر جاويد جي والده ان ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، نيٺ مون نومبر 2022 ۾ پنهنجي مڙس خلاف ڪراچي جي چاڪيواڙه پوليس اسٽيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي، ايڊيشنل سيشن جج اشرف حسين خواجا چيو ته ٻڌڻي دوران پيش ڪيل ثبوتن جو جائزو وٺڻ بعد اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته متاثر عورت ثابت ڪيو آهي ته جوابدار جيڪو هن جو مڙس آهي اهو جنسي زيادتي جو ڏوهي قرار ڏنو وڃي.
-
محمد ڪامران ڊائريڪٽر انفارميشن (ريسرچ اينڊ ريفرنس) مقرر
ڪراچي(رپورٽر) گريڊ 19 جي آفيسر محمد ڪامران کي تازو ئي سنڌ انفارميشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي، کيس ڊائريڪٽر انفارميشن (ريسرچ اينڊ ريفرنس) مقرر ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري سنڌ جي منظوري کانپوءِ سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ باضابطا پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
-
اسان جي حڪومت هجي ها ته 10 سال اڳ ئي سرائيڪي صوبو ٺهي وڃي ها: گيلاني
ملتان (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري انتهائي موثر چونڊ مهم هلائي رهيو آهي، ٿڌ باوجود اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ سٺو هوندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت هجي ها ته 10 سال اڳ ئي سرائيڪي صوبو ٺهي وڃي ها، اڄ توهان جي پنهنجي اسيمبلي، هاءِ ڪورٽ ۽ اين ايف سي ۾ حصو هجي ها. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ 90 ڏينهن ۾ الڳ صوبو ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو پر پنهنجي حڪومت ۾ هو واعدو پورو نه ڪري سگهيا.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پ پ اميدوار غلام رحماني کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پي ايس 75ٺٽي کان پيپلرپارٽي جي اميدوار سيد غلام رحماني کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، رٽرننگ آفيسر غلام رحماني کي مڪمل ملڪيتون ظاهر نه ڪرڻ تي نامزدگي فارم رد ڪيا هئا.