سنڌ ۾ 6 هزار 593 پولنگز حساس،4 هزار 300 انتهائي حساس قرار

ڪراچي(رپورٽر) نگران سنڌ سرڪار ڪراچي ڊويزن سميت صوبي جي 11 ضلعن کي چونڊن لاءِ حساس قرار ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن مهم لاءِ جنهن به پارٽي کي ريلي ڪڍڻي آهي ته اڳ پوليس کي اطلاع ڏئي، اميد  آهي ته اليڪشن عمل کي سياسي پارٽيون پر امن بڻائڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏينديون. اطلاعات کاتي جي وزير احمد شاهه ۽ گهرو وزير برگيڊيئر حارس نواز ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته وڏي وزير اليڪشن لاءِ بجيٽ ڏئي ڇڏي آهي، پوليس، رينجرز ۽ فوج سپورٽ ڪندي، ڪوشش ڪئي ويندي ته ڪٿي به پولنگ تي ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي، هنن چيو ته ڪراچي جا سمورا ضلعا ۽ سانگهڙ، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار ضلعا چونڊن لاءِ حساس آهن،  صوبائي وزير احمد شاهه چيو ته شفاف اليڪشن لاءِ اجلاس ڪري فيصلا ڪيا ويا آهن، پوليس کي خاص فنڊ 65 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، صوبائي وزير احمد شاهه چيو ته  چونڊن جي حوالي سان سي پي او ۽ گهرو کاتي جي آفيس ۾ سيل قائم ڪيون پيا، جنهن به سياسي پارٽي کي ريلي ڪڍڻي آهي ته سيڪيورٽي لاءِ پوليس کي 24 ڪلاڪ اڳ  اطلاع ڏيڻو پوندو، ايڊيشنل آء جي ڪراچي ۽ ڊي آء جيز کي چونداسين ته صحافين سان تعاون ڪن ۽ صحافي بلڪل انھي جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڪندا رھن.  حارث  نواز چيو ته اليڪشن لاءِ  6 هزار 593  پولنگز حساس آهن ۽ 4 هزار 300 انتهائي حساس آهن، مان پوليس رينجرز ۽ آرمي پولنگ جي نگراني ڪندي هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، 4500 حساس پولنگ اسٽيشنن تي ڪيمرا لڳائي رهيا آهيون جتي ڪٿي به ڪا به گنجائش ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.