آرٽيفيشل انٽيليجنس جو اهم ڪردار ٿي ويو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي ترقي، توانائي جي بچاءَ ۽ ان جي متبادل  ذريعن ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جو اهم ڪردار آهي ،جن  سڀني مضمونن کي جديد انداز ۾ باضابطا طور آسان بڻائي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڀني رڪاوٽن کي پار ڪندي روايتي طريقن کي چيلنج ڪندي آهستي آهستي انهن کي ختم ڪيو آهي، هن اها ڳالهه اربع ڏينهن دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران دائود يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي، تقريب ۾ سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز نور سمون، وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين، چيئرمين سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڊاڪٽر طارق رفيع، پرو-وائيس چانسلر پروفيسر عبدالوحيد ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، وڏي وزير چيو ته دائود انجنيئرنگ پاڪستان جو پهريون ادارو آهي جنهن 63 سال اڳ اليڪٽرونڪ انجنيئرنگ ۽ انڊسٽريل انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ جهڙن شعبن ۾ ڊگري پروگرام متعارف ڪرايا ۽ ناليوارا شاگرد پيدا ڪيا جن پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اسپارڪو، پي ٽي سي ايل ۽ ٻين اهڙن ادارن جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته هو دائود يونيورسٽي جي بحالي ۽ معيار کي هڪ شاندار اداري طور اڀريندي ڏسي رهيو آهي۽ ڪانفرنس جي موضوع ’بليرنگ دي بيريرز‘ ۽ حقيقي سوچ جي تعريف کان متاثر ٿيو آهي ۽ کيس ڏسي خوشي ٿي آهي، وڏي وزير چيو ته احترام ۽ سکڻ جي خواهش ئي هر قوم لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، اهي سمپوزيم ۽ ڪانفرنسون مستقبل جا دروازا کولڻ جي برابر آهن، ان کان اڳ ايڇ اي سي سنڌ جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع ۽ دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين پڻ ڪانفرنس جي اهميت بابت خيالن جو اظهار ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.