سنڌ ۾ عام چونڊن ۾ هڪ لک 22 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي(م ڊ)سنڌ  پوليس صوبي ۾ عام چونڊن 1 لک 22 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، سنڌ ۾ 1 لک 5 هزار اهلڪار  دستياب، جڏهن ته 17 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي، سنڌ اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کان آگاهه ڪري ڇڏيو. پوليس آفيسرن مطابق سنڌ ۾ ڪل 19 هزار 4 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جن ۾ 6 هزار 593 حساس، 6 هزار 457 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون هونديون، ان کان علاوه نارمل پولنگ اسٽيشن تي 4 اهلڪار، حساس تي 6، انتهائي حساس تي 8 اهلڪار هوندا، سنڌ پوليس جي آفيسرن ٻڌايو ته  کاڌي جي مد ۾ 21 ڪروڙ 28 لک 4 هزار 647 گهربل آهن. اضافي فورس، گاڏيون، مشينري مرمت ۽ اسٽيشنري به گهربل آهي. ۽ ڪل 62 ڪروڙ 54 لک کان وڌيڪ رقم گهربل هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.