بلاول جي ٻولي تي افسوس،کيس تهذيب ۾ رهڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪندي کيس تهذيب ۾ رهي گفتگو ڪرڻ جو مشورو ڏئي  ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته بلاول ڀٽو جي ٻوليءَ تي افسوس آهي، هن اسان سان گڏ پرڏيهي وزير طور ڪم ڪيو آهي، کيس ڪارڪردگي جي بنياد تي ڳالهائڻ گهرجي، ڪير به اوهان جي ذاتيات جي سياست نٿو چاهي.هن چيو ته بلاول نئون نئون پنجاب آيو آهي، هن پنجاب ۾ نون ليگ جا پروجيڪٽ ناهن ڏٺا، نون ليگ جو مقابلو اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وارن سان آهي، سياسي جماعتن سان گڏوگڏ اسان جو مقابلو مهانگائي سان به آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم حڪومت جي فيصلن ۾ برابر جي شريڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.