نوازشريف لاڏلو آهي پر عوام جو: مريم نواز

ننڪانه صاحب(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز نالو وٺڻ کانسواءِ عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته نواز شريف توهان کي نه ڪڍيو، توهان پاڻ ئي  پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙي هنئي آهي،ننڪانه صاحب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف توهان کي جعلسازي سان نه ڪڍيو، توهان  خلاف ڪا سازش ناهي ڪئي پر توهان پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙي هنئي آهي، هن چيو ته ها نوازشريف لاڏلوآهي، پر هو عوام جو لاڏلو آهي، نواز شريف مقابلي تي نه هو ته پوءِ مقبوليت ڪهڙي آهي؟ توهان نوازشريف کي مقابلي مان ٻاهر ڪڍي چوندا هئا ته اسان تمام مقبول آهيون، هاڻي نواز شريف واپس اچي ويو آهي، هاڻي خبر پوندي ته مقبول ڪير آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.