مان امپورٽڊ نه مقامي وزيراعظم هئس، عمران خان ناڪامي وزيراعظم هو: نوازشريف

ننڪانه صاحب (م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن ن ليگ کي موقعو مليو ته اهو ڪم ڪري وينداسين جو تاريخ ياد رکندي. ننڪانه صاحب ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن  چيو ته اڄ به منهنجي  همت جوان آهي، توهان کي دشمني اها هئي ته مان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي؟ ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو؟ امن ڪنهن بحال ڪيو؟ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙن کي هٿڪڙي لڳائي ويندي آهي؟هن سوال ڪيو ته ماڻهن کي تڪليف ۾ ڇو وڌو ويو؟ ڪير اهو چئي سگهي ٿو ته اڄوڪو پاڪستان 2017 جي پاڪستان کان بهتر آهي؟ اسان ان سڄي نظام کي تبديل ڪنداسين، اسان مقامي وزيراعظم ۽ هو ناڪامي  وزيراعظم هو،سندس چوڻ هو 8 فيبروري تي خدمت جو موقعو مليو ته ننڪانه صاحب کي ماڊل سٽي بڻائينداسين، دل جي مرضن جي اسپتال ٺاهينداسين، ن ليگ اهو ڪم ڪري ويندي جو تاريخ ياد رکندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.