بلوچن جي مايوس واپسي حڪومت ۽ عدليه لاءِ شرم جي ڳالهه آهي: سينيٽر مشتاق

خيبر(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته مان ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان گڏ بيٺو آهيان ۽  بيٺو رهندس، انهن جا مطالبا اهي آهن جن لاءِ مان گذريل 6 سالن کان سينيٽ جي فلور تي آواز اٿاري رهيو آهيان، خيبر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  هن چيو ته جبري گمشدگين، عدالت کان مٿانهن قتلن، ڇاپا هڻڻ، چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ ۽ ڊيٿ اسڪواڊز کي ختم ڪيو وڃي، حڪومت ۽ عدالتن لاءِ اها شرم جي ڳالهه آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ ڏکويل دل سان مطالبا منظور نه ٿيڻ جي ڪري واپس هليا ويا، مان انهن سان ايڪتا لاءِ ڪوئيٽا ويندس،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.