امڙ چيو ڪاش تون ڀائر واپس آڻين ها: سائره بلوچ

ڪوئيٽا(م ڊ) اسلام آباد ۾ بلوچن جي ڌرڻي ۾ شريڪ سائره بلوچ ٽوئيٽ ڪيو آهي ته منهنجي والده مون کي چيو ته ڪاش تون پنهنجي ڀائرن  جي تصوير بدران پنهنجي ڀائرن کي واپس آڻي هان، مون وٽ امڙ کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، بس اکين مان وهندڙ ڳوڙها آهن جيڪي شايد هڪ ماءُ کي ڪڏهن به مطمئن نه ڪري سگهن، هن چيو ته پر مان امڙ سان واعدو ڪيو آهي ته جيستائين زنده آهيان ڀائرن لاءِ وڙهندي رهنديس، جنهن تي صحافي حامد مير ٽوئيٽ ۾ کيس جواب ڏنو ته الله تي ڀروسو رکو،الله توهان جي ضرور ٻڌندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.