اسلام آباد(م ڊ) جبري گمشدگين ۽ بلوچن جي نسل ڪشي خلاف 60 ڏينهن کان وڌيڪ ڌرڻو هڻندڙ بلوچ عورتون،ٻار ۽ مرد اکين ۾ ڳوڙها کڻي وفاقي راڄڌاني مان واپس هليا ويا آهن، ان موقعي تي سندن گاڏين مٿان گل نڇاور ڪيا ويا، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته اسان انهن سمورن ماڻهن جا ٿورائتا آهيون جيڪي اسلام آباد ڌرڻي جي ان مشڪل ۽ سخت وقف ۾ اسان سان گڏ بيٺا رهيا، رياست جي سموري جبر ۽ درندگي باوجود انهن اسان جو ساٿ نه ڇڏيو آهي، ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي دل ۾ انهن ماڻهن لاءِ حد کان وڌيڪ احترام ۽ محبت آهي، انهن جيڪو پيار ۽ محبت ڏني اها هميشه اسان وٽ محفوظ رهندي، هڪ ٻي وڊيو ۾ ماهه رنگ بلوچ واپسي جي موقعي تي مايوس موٽندڙ مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي ڳلي لڳائي آٿت ڏني، هن چيو ته اهي قيامت خيز منظر آهن، انهن منظرن کي اسان ته اسان هاڻي اسان جا ايندڙ نسل به انهن منظرن کي پنهنجي ياداشت ۾ محفوظ رکندا، اسان جي پيرسن مائرن، معصوم ٻارن ۽ ننڍڙين ٻارڙين جا لڙڪ دل چيري رهيا آهن، اها گهڙي تصويرن ۾ به انساني وجود کي جنجهوڙي رهي آهي.