ڪراچي (رپورٽر) نگران قانون واري وزير عمر سومرو نگران حڪومت ڇڏڻ کانپوءِ ملير ميمڻ لا ڪاليج ۾ شاگردن کي مفت ليڪچر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.عمر سومرو ميمڻ ڳوٺ ۾ لا ڪاليج ۾ نئين تعمير ٿيل اضافي ڪلاس رومز جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي حسن فيروز، پرنسپال ايس ايم لا ڪاليج فريد دايو، جسٽس انور شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. عمر سومرو چيو ته مان هاڻي ڪجهه ڏينهن لاءِ وزير آهيان ۽ منهنجي خواهش آهي ته ڇنڇر تي ملير ميمڻ لا ڪاليج جي شاگردن کي ليڪچر ڏيان. پوليس ۾ سياسي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ پوليس کي افرادي قوت ۽ هٿيارن جي ضرورت آهي.