گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي  آزادي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت طرفان اڪثر گم ٿيلن جي آزادي بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيون، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اوهان ٻڌايو ته هڪ مهيني جو وقت ڏنو هو  اوهان انهن ڏينهن ۾ ڪهڙا قدم کنيا؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته مختلف ادارن کي خط لکيو جواب نه مليو، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ مداخلت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڏسجي ته گم ٿيل ماڻهو ڪيڏانهن ويا، انهن کي ڪير کڻي ويو، عدالت گم ٿيل شهرين عمران، فيضان علي، بهادر، جنيد احمد ۽ ٻين جي آزادي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت محمد يونس، عمير زمان، عبدالحسن، سعديه، زرداد خان کي به آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.