ڊگهڙي (پ ر) سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو سنڌ بچايو جي نعري سان عوامي تحريڪ جي چونڊ مهم جاري آي، ڊگھڙي جي تڪ پي ايس 48 تي عوامي تحريڪ جي نامزد اميدوار اميربخش جروار چونڊ مُھم تيز ڪري ڇڏي، اليڪشن ۾ عوامي تحريڪ جي اميدوار کي ووٽ ڏيارڻ لاءِ عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف 28 جنوري تي ڊگھڙي کان فضل ڀنڀري تائين شارٽ مارچ ڪيو ويندو، عوامي تحريڪ مرڪزي صدر لال جروار، تڪ جي اميدوار اميربخش جروار، عبدالقادر جروار، خير محمد چانڊيو ۽ ڀٽو نوحاڻي ڊگھڙي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گورک جي 2 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمينن تي حق اتي جي عوام جو آھي، هي زمين گورک هل اٿارٽي کي ڏيڻ وارو فيصلو عوام جي حقن تي ڌاڙو آهي، گورک هل اٿارٽي کي مليل زمينون واپس وٺي، اٿارٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي، نگران حُڪومت جو ڪم صرف صاف شفاف ۽ غير جانبدارانه چونڊون ڪرائڻ آھي پر نگران حُڪومت اليڪشن تي ڌيان ڏيڻ بدران سنڌ جون لکين زمينون ۽ وسيلا وڪرو ۽ تين وال ڪرڻ ۾ لڳل آھي، نگران حُڪومت جا اھڙا فيصلا قانون ۽ آئين کان مٿانھان آھن جن کي عوام ڪڏھن به قبول نه ڪندو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار پي ايس 48 جي اميدوار امير بخش جروار جي تڪ جي ڳوٺ الھبچايو جروٽ، ڪانگڻي، ٽي لکي موري، مير محمد جروار ۽ ٻين ڳوٺن جا دورا ڪيا، ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمننگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون نيلام ٿي رهيون آهن، مظلوم قومن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ اڻ اعلانيل ون يونٽ مڙهيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ نتيجا ڏيندا.