ميان صاحب چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته نه جج محفوظ رهندا نه سياستدان: بلاول

چنيوٽ (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميان صاحب چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته هو انقام وٺندو، جنهن ڪنهن کي ڪو اندازو ناهي، 8 فيبروري تي ووٽ سان چوٿون ڀيرو وزيراعظم  بڻائيندڙ جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته مان انهن کي ڄاڻان ٿو انهن جي دل ۾ نفرت ۽ بغز آهي، جيڪڏهن ميان  صاحب چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو جيڪو  هو انتقام وٺندو جو  اهي  ياد رکندا، ميان صاحب جو پهريون ۽ ٻيو دور ڪنهن آمريت کان گهٽ نه هو، هن چيوته پيپلزپارٽي ڪڏهن انتقام جي سياست ناهي، بينظير ڀٽو انتقام وٺڻ بدران غريب عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي پئي، بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، آصف زرداري جڏهن ملڪ جو صدر ٿيو ته هڪ به سياسي قيدي نه هو، هن چيوته پيپلزپارٽي هر دور جو ظلم برداشت ڪيو، جيالن آمر ضياءِ جو ظلم برداشت ڪيو،نواز شريف جي پهرين ۽ ٻئي دور جو ظلم برداشت ڪيو، جيڪو آمر جي دور کان گهٽ نه هو، پ پ  چيئرمين چيو ته مقابلو تير ۽ شير جي وچ ۾ آهي، پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ان  جي سازش ناڪام بڻائي سگهو ٿا 2024ع آهي، هر هر اچڻ ايندڙن بدران هاڻي نون چهرن کي موقعو ڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيوته پاڪستان تاريخي معاشي بحران مان  گذري رهيو آهي، بيروزگاري، غربت  وڌندي پئي وڃي. اهڙيون حالتون تاريخ ۾ ناهن ڏٺيون. هڪ پاسي معاشي بحران آهي، ٻئي پاسي معاشري ۾ بحران پيدا ڪيو ويو آهي، پراڻا سياستدان نفرت ۽ تقسيم جي سياست ڪري رهيا آهن هن نفرت ۽ تقسيم جي سياست سان ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي، اهڙي سياست کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته هڪ نئين سوچ ۽ سياست آڻڻي پوندي،اوهان کي اهو نٿو چوان ته منهنج خلاف ڪو گهٽ وڌ چئو. اوهان کي اهو نٿو چوان ته نفرت ۽ تقسيم جي سياست ڪيو، اوهان پنهنجي منشور ۽ نظريي تي سياست ڪيو، اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته اسان پاڪستان جي  عوام جي آمدني وڌائينداسي ۽ آمدني ٻيڻي ڪنداسين، غريبن ۽مستحق ماڻهن کي 300 بجلي مفت ڏياريندس، هن چيوته اسان سنڌ ٻوڏ متاثرن لاءِ هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي آهي. پنجاب  ۾ ٻوڏ اچڻ تي هتان جي حڪومت ڇا اوهان کي گهر ٺاهي ڏنا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم  بڻايو ٿا ته ڪنهن کان انتقام  نه ورتو ويندو، نفرت جي سياست هر اداري کي ورهايو، ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهايو، سياستدان پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، هيءَ ويڙهه نه ڇڏي ته پاڪستان دشمن طاقتون فائدو وٺي سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.