اسلام آباد (م ڊ) نگران وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي ملڪ مان رشوت ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻ جي خاسطري ڪرائي ڇڏي، آءِ ايم ايف کي حڪومت پاران نيب سميت بدعنواني روڪٿام جي ادارن ۾ سياسي مداخلت ڪرڻ جي به خاطرائي ڪرائي وئي آهي. آءِ ايم ايف پاران پاڪستان سان طئي ٿيندڙ ايم اي ايف پي ۽ ليٽر آف انٽنٽ جي ڪاپي مطابق حڪومت ڪرپشن، رشوت ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻ لاءِ سڌارن جي خاطري ڪرائي آهي. حڪومت پاران چيو ويو ته نيب سميت ڪرپشن روڪٿام جي ادارن ۾ سياسي مداخلت ختم ڪندي انهن کي شفاف بڻايو ويندو، ڪابينا جي منظوري سان اينٽي ڪرپشن فريم ورڪ شايع ڪئي ويندي، جڏهن ته عوامي نمائندن ۽ ڪابينا ميمبرن جي ظاهر ڪيل اثاثن جي ڄاڻ کي پڌرو ڪيو ويندو. حڪومت رشوت، فراڊ ۽ ڀتي کي روڪڻ لاءِ ادارن کي مضبوط ڪرڻ پهريون ترجيح قرار ڏنو آهي نيب چيئرمين جي مقرري ۽ جاچ لاءِ نيب جي دائره اختيار جو تعين ڪيو ويندو.