ماهه رنگ بلوچستان جي تحريڪ کي اڳتي وٺي پئي وڃي: کاٻي ڌر جا اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) يوٿ پروگريسيو الائنس ۽ ريڊ ورڪرز فرنٽ طرفان کاٻي ڌر جي مشهور دانشور ايلن وودز جي ترجمي ڪيل ڪتاب / بالشوزم راهه انقلاب جي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ ياسر ارشاد خطاب ڪندي چيو ته اڄ به بالشوڪ انقلاب جي تاريخ سڀني غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ اهميت رکي ٿي، ٽراڪسي ازم اصل ۾ ليننزم آهي، تاريخ ڏاڍي بي رحم هوندي آهي. عالمي مارڪسي رجحان جي اڳواڻ پارس جان چيو ته يونيورسٽين ۾ لينن نٿو پڙهايو وڃي، اڄ وڏو سوال اهو آهي ته اسان کي مارڪسزم ڪهڙو گهرجي، دنيا ۾ انسان اڄ تاريخ جي وڏي غربت ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ لينن تي وڏا الزام لڳايا ويا، روس جي اندر عوام کي سيکارڻ جو بحث به هلندو هو، بالشوزم ۽ منڪشوزم سخت ۽ نرم جو فرق هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ايوب خان خلاف تحريڪ هلي هئي، نوجوان ئي تحريڪ ۾ اهميت رکن ٿا، تحريڪون اڳتي وڌن پيون، بلوچن جي تحريڪن جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته ماهه رنگ بلوچ جا اسان سان به اختلاف ٿي سگهن ٿا، اڄ هوء بلوچستان جي تحريڪ کي اڳتي وٺي وڃي رهي آهي، ڊيره غازي خان ۾ هنن اسان جا پمفليٽ به ڦاڙيا، پر اسان هر مظلوم جي تحريڪ سان گڏ آهيون، تحريڪن کي جوڙڻو آهي، سڀاڻي سنڌ مان به وڏي تحريڪ اٿڻي آهي. تقريب ۾ قراردادن پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته کنڀيل نوجوانن کي بازياب ڪري، فارمننگ جي نالي تي زمينون ادارن کي ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، مهورتي تقريب عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهو، حميد سومرو، ڪامريڊ علي ۽ ٻين به ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.