اسلام آباد(م ڊ) انٽرنيشنل مظلوم پيپلز ڪانفرنس ۾ ڳالهيون ڪندي نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اڳواڻ،اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو آهي ته بلوچن جي تحريڪ کي روڪڻ جو اهو نتيجو نڪتو ته بلوچ هاڻي لائو بڻجي چڪا آهن، ۽ ان لاوي کي دنيا جي ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي، هن چيو ته ايران جي جنرلن ۽ مولوين غداري ڪئي ۽ چيو ته اسان توهان جي بلوچن تي بمباري ڪنداسين ۽ توهان اسان جي بلوچن تي بمباري ڪريو،پاڪستان مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ جيل آهي، هتي ڪو ملڪ ناهي، هتي ڪا به آزادي ناهي، هن چيو ته بلوچن جي وسيلن جي ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي، صوبي ۾ 2005ع کان آپريشن جاري آهي، بلوچ قوم پرستن سان ڳالهيون ڇو نٿيون ڪيون وڃن، ٻئي نمبر تي فاٽا آهي ،فاٽا ۾ به ٽي ٽي پي کي آندو ويو، انهن اسان جي وطن ۾ هزارين ماڻهن کي ماريو، ٻئي پاسي ابتو عوام تي ئي بمباري ڪئي وڃي ٿي، هن چيو ته بلوچ لانگ مارچ رڳو بلوچن جو ناهي، سمورن مظلومن لاءِ آهي، بلوچ عورتن،مائرن، ڀينرن ۽ ٻارڙين اسان جو ڪنڌ اوچو ڪري ڇڏيو آهي