بلوچ عليحدگي پسند تحريڪ ۾ ڪجهه به ناهي: سرفراز بنگلزئي

اسلام آباد(م ڊ) پابندي مڙهيل بلوچستان نيشنل آرمي جي اڳوڻي ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي چيو آهي ته ڪجهه گم ڄاڻايل بلوچ افغانستان  ۾ آهن، منهنجا ٻه پٽ ان رستي ۾ شهيد ٿيا آهن، نقصان ٻنهي پاسن کان ٿيو آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجو هڪ مائٽ پهاڙن تي آهي ان کي چوان ٿو ته واپس اچي وڃو، هن چيو ته اسان افغانستان جي مختلف صوبن ۾ رهياسين، اتي ڪئمپون آهن، تربيت ۽ هٿيار ڏنا وڃن ٿا، بي ايل اي جو ڪمانڊر بشير زيب جي وڊيو افغانستان جي پهاڙن ۾ ٺاهي وئي، ڊاڪٽر الله نذر قسم کنيو هو ته مان مرڻ تائين بلوچستان نه ڇڏيندس،اڄ هو ڪٿي ويٺل آهي، پاڙيسري ملڪ ۾ ويٺل آهي،هن چيو ته  رڳو غريبن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، بلوچن جي نالي تي فراڊ ٿي رهيو آهي، منهنجو 15 سالن جو تجربو رهيو آهي، ماڻهن کي ذليل خوار ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اهي تنظيمون معاهدا ڪري ڦري وڃن ٿيون،عورتن ۽ ٻارن  کي استعمال ڪرڻ تي مون مخالفت ڪئي،هن چيو ته  گلزار امام جي گرفتار ٿيڻ باوجود رياست جو رويو تمام سٺو رهيو، ان کان مان متاثر ٿيس،مان ڳالهيون ڪري واپس آيس، رياست جي ذميوار ايجنسين جو رويو تمام سٺو رهيو، اسان پنهنجي ٻارن کي تعليم نه ڏياري سگهياسين، اهي ماڻهو عليحدگي چاهين ها ته ٽڪرن ۾ ورهايل نه هجن ها، مهراڻ ۽ حربيار پئسن تي وڙهيا، مهراڻ تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام لڳل آهن،اهي گريٽر بلوچستان کان پٺتي هٽي ويا آهن، اهي تنظيمون افغانستان ۽ ايراني بلوچستان جي ڳالهه ڇو نٿيون ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.