طاقتور حلقا اهڙي جاءِ تي نه وٺي وڃن جتان واپسي نه ٿئي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته طاقتور حلقا اسان کي اهڙي جاءِ تي نه وٺي وڃن  جتان واپس نه اچي سگهون. آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته چونڊ عمل شروع ٿيڻ باوجود پارٽي خلاف رياستي انتقامي ڪاررواين ۾ ڪا به نرمي ناهي ڪئي وئي، عمران خان صرف بيٽ جي چونڊ نشان کي بچائڻ لاءِ چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني، اسان کي چيو ويو ته توهان وڃو ۽ اليڪشن ڪرايون ته جيئن ڪنهن کي به عذر نه ملي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آرٽيڪل 188 موجب سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ 30 ڏينهن آهن پر سپريم ڪورٽ اڃا تائين تفصيلي فيصلو جاري ناهي ڪيو. جيڪڏهن فيصلو آيو ته نظر ثاني درخواست داخل ڪرائينداسين، عمران خان جو فوج سان ڪو به تڪرار ناهي، هي غلط فهمي آهي جنهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو چونڊن کانپوءِ سولو فلائيٽ ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، اسان جي ڪوشش آهي ته گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچيون. اسان وٽ 860 مان 815 تڪن تي اميدوار آهن، بنا ڪنهن اتحاد جي چونڊون وڙهنداسين. عمران خان کي ڪنهن به حالت ۾ مائنس نٿو ڪري سگهجي، عمران احمد خان نيازي چيئرمين هو، چيئرمين آهي ۽ چيئرمين رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.