اسلام آباد (م ڊ) ٽيڪس آمدني ۾ امڪاني شارٽ فال جي صورت لاءِ هنگامي پلان تيار ڪيو ويو.ذريعن موجب هنگامي پلان تي عملدرآمد جي صورت ۾ ٽيڪس جي مد ۾ ماهوار 18 ارب رپيا آمدني جو امڪان آهي.ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ تي 5 رپيا فيڪلو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي (ايف اي ڊي) لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.ذريعن موجب ٽيڪسٽائل ۽ ليدر شين تي جي ايس ٽي 15 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته مشينري، ڪچي تيل، سپلائز، خدمتن ۽ ٺيڪن تي به ٽيڪس جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت ٽيڪس آمدني وڌائڻ جو پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ سال ٽيڪس هدف 11 هزار ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو پلان آهي.ذريعن موجب ايندڙ سال جو ٽيڪس وصولين جو هدف هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 1590 ارب رپيا وڌيڪ هوندو، پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جو ساليانو هدف 918 مان وڌائي 1065 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، هلندڙ سال 30 جون تائين 49 ارب رپيا ۽ ايندڙ سال 147 ارب رپيا واڌو ليوي وصول ڪئي ويندي.جڏهن ته پاڪستان آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، آءِ ايم ايف جي جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان گئس جي قيمتن ۾ ٽه ماهي بنيادن تي تبديلي ڪرڻ، ٽيڪسٽائل ۽ ليدر سيڪٽر تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ کنڊ تي ايڪسائز ڊيوٽي لڳائڻ جي خاطري ڪرائي آهي،ايف بي آر آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته ريٽيلرز،پراپرٽي، تعميرات ۽ ڊجيٽل مارڪيٽن جهڙن شعبن کان پورو ٽيڪس وصول ڪنداسين، مشينري جي درآمد تي هڪ سيڪڙو، صنعتي خام مال جي درآمد تي هڪ سيڪڙو ايڊوانس انڪم ٽيڪس لڳائينداسين،نان فائلرز کي فائلرز بڻائڻ لاءِ در در مهم به شروع ڪنداسين، نگران حڪومت توانائي جي شعبي ۾ ٻن سالن ۾ سبسڊي ختم ڪرڻ جو پلان آءِ ايم ايف کي ڏئي ڇڏيو آهي، پنجاب، سنڌ ۽ ڪي پي ۾ ٽيوب ويلز تي حڪومتي سبسڊي ايندڙ مالي سال کان ختم ڪئي ويندي،جڏهن ته ايڪسپورٽ کي ڏني ويندڙ ڪراس سبسڊي ختم ڪري نان ايڪسپورٽ انڊسٽري جي برابر ڪئي ويندي، پاور جنريشن لاڳت پوري ڪرڻ لاءِ مقامي گئس ۽ درآمدي آر ايل اين جا اگهه برابر ڪيا ويندا،ڊسڪوز جو انتظامي ڪنٽرول نجي شعبي کي ڏيڻ لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائزر اپريل تائين مقرر ڪيو ويندو،