ڪراچي ۾ گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان عورت سان مبينا اجتماعي زيادتي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان عورت مبينا اجتماعي زيادتي جو شڪار بڻجي وئي. ڳوٺ ابراهيم جوکيو واسي ڀيڻ سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ڪيس ۾ نامزد 6 جوابدارن مان 2 جوابدار حفيظ ۽ سڪندر کي گرفتار ڪيو ويو، اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته جوابدارن زبردستي ڀيڻ کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، هن چيو ته ڀائٽيي فون ڪري ٻڌايو ته زيادتي بعد ڀيڻ جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. فريادي پاران سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.