آفيسن تي حملا ٿيندا ته پرامن چونڊون ڪيئن ٿينديون: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته آفيسن تي حملا ٿيندا ته پرامن اليڪشن ڪيئن ٿيندي، جاچ ڪئي وڃي ته  پيپلزپارٽي جي آفيس تي ڪنهن جي حمايت تي حملو ڪيو ويو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ وجهڻ جي خواهش ن ليگ جي هئي ۽ هن  جي ئي خواهش تي اليڪشن جي تاريخ وڌائي وئي، ايم ڪيو ايم خدمت نه پر شهرين کي هراسان ڪري رهي آهي، مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو به هڻي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جو خيال هو ته سينٽرل ضلعي ۾ ڪا ٻي پارٽي آفيس نه ٿي کولي سگهي، هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال چيو هو ته اسان ويڙهه ڪرڻ چاهيون ته ڪو به اسان کان کَٽي نه ٿو سگهي، جاچ ڪئي وڃي ته ڪنهن جي هدايت تي پيپلز پارٽيءَ جي آفيس تي حملو ڪيو ويو، جيڪڏهن پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي نه ڪئي ته صورتحال ڏکي ٿي ويندي، حملي پٺيان شامل ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم هاڻي پي ايس پي مافيا جي ڪنٽرول ۾ آهي، خالد مقبول ايم ڪيو ايم جو بيوس ڪنوينر آهي، ايم ڪيو ايم جا جيڪي ٿورا گهڻا ووٽ هئا، اهي مصطفيٰ ڪمال جي اچڻ بعد ختم ٿي ويا، هن چيو ته پيپلزپارٽي چونڊن جي تياري ڪري رهي آهي، ايئن آفيسن تي حملا ڪيا ويا ته پرامن چونڊون ڪيئن ٿينديون، ڪارڪنن کي هراسان ڪندڙن کي وائکو ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم ماڻهن کي هراسان ڪري ڪنهن جي خدمت نه پئي ڪري، ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي ان تي هاڻ پي ايس پي مافيا جو ڪنٽرول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.