نامزدگي ڪاغذ رد: عمران خان، شاهه محمود، پرويز الاهي، فواد چوڌري جون اپيلون خارج

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي کي چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪم ۾   شاهه محمود قريشي فواد چوڌري، حبا فواد، خرم لطيف کوسه، چوڌري  پرويز الاهي ۽ صنم جاويد کي به چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ايپليٽ ٽربيونل جي فيصلن کي برقرار رکيو. پشاور هاءِ ڪورٽ شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان جا نامزدگي ڪاغذ صحيح قرار ڏنا. جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ذوالفي بخاري کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي، ان حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ به اپيل رد ڪري ڇڏي،لاهور هاءِ ڪورٽ ريٽرننگ آفيسر (آر او) ۽ اپيليٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو،پي ٽي آءِ باني جا لاهور ۽ ميانوالي جي تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.