زمينن تي قبضن سبب سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي: لال جروار

مٺي/ٺٽو (پ ر) سنڌ جي زمينن تي قبضو ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرائيندڙ اميدوارن کي رد ڪريو، زمينن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ  جدوجهد ڪندڙ عوامي تحريڪ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيو، مٺي جي صوبائي تڪ پي ايس 55 تي عوامي تحريڪ جي زبردست اليڪشن مهم، مٺي جي پي ايس 55 تي عوامي تحريڪ جي جي نامزد اميدوار اوڀايو جوڻيجو جون اليڪشن سرگرميون شروع ٿي ويون، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پي ايس 55 جي اميدوار اوڀايو جوڻيجو، ايڊوڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ديوت راءِ، الھبچايو چارو، رحمان نھڙي، اشرف رند، ديال صحرائي، ممتاز جوڻيجو ۽ خالد جروار ڳوٺ فقير سليمان چانڊيو، سنتورو، سڃي موري، نصير ھنڱورجو، اوڀايو چانڊيو، رحمان آباد، ناٿو ڪولھي، ڦانٽ فارم، ڪلوئي، جمعون خاصخيلي ۽ خان محمد لاشاري سميت مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا، ڳوٺاڻن طرفان عوامي تحريڪ جي اڳواڻن کي ڀرپور موٽ، زبردست آجيان، سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته زمينن تي قبضن سبب سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن خلاف جدوجهد جي علامت غليل عوامي تحريڪ جو چونڊ نشان آهي، 8 فيبروري تي غليل تي ٺپو هڻي ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ زمينن جي نيلامي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڏه هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.