شهيد فاضل راهو هميشه عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جو درس ڏنو: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) شھيد فاضل راھوجي 37 ورسي جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد فاضل راھو جنھن اسان کي ھميشه مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جو درس ڏنو، فاضل راھو ظلم جي ھر ڪاري رات خلاف وڙھندي پنھنجي زندگي گذاري شهيد فاضل انقلابي شعور رکندڙ دلير اڳواڻ ۽ شينهن مڙس ھو. ھن پنھنجي سموري زندگي ناانصافين خلاف جدوجھد ڪندو رهيو  اياز لطيف پليجي چيو تہ شهيد فاضل ھر ايندڙ مصيبتن جو دليري سان مقابلو ڪيو. ھن مظلوم قومن جي حقن لاء آواز اٿاريو. ھن ظالم جي خلاف وڙھڻ جو حوصلو ڏنو، پاڻ سنڌ تي ٿيندڙ ظلم خلاف وڙھندو رهيو نيلام بند ڪريو. ون يونٽ ختم ڪريو. 4 مارچ، سنڌي ۾ لسٽون ڇپايو. صحافين جي جدوجهد، 83 تحريڪ. 86 تحريڪ. انھن سڀني جدوجھدن۾ شھيد فاضل جو ڪردار شاندار رھيو.اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد فاضل راھو جمھوريت جي بحالي، ھارين ۽ مظلوم عوام لاءِ تاريخي جدوجھد ڪئي، آمريت جي پيروڪارن کيس انھي پاداش ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو شھيد فاضل راھو سنڌ جو آواز ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.