سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسڪيم 33 ۾ قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نديم اخترجي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اسڪيم 33 ۾ بنجور ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي  جي زمين تي قبضو ختم ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ڊي سي اوڀر، ايس ايس پي اوڀر ۽ رينجرز آفيسر پيش ٿيا، عدالت 15ڏينهن ۾ قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت 25 ايڪڙ زمين تان قبضو ختم نه ڪرڻ تي سخت ڪاڙو جو اظهار ڪيو، درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 2009ع ۾ عدالتي حڪم جي باوجود قبضو ختم نه ڪيو ويو، هن چيو ته قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ هڪ موبائل پوليس آئي، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته پوليس مصروف هئي، رينجرس به نه اچي سگهي 3 موبائلون ويون هيون، اسان وٽ مشينري به نه هئي، ڪي ايم سي جو ڪم آهي انهن کي هدايتون جاري ڪيون وڃن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو ته ڪهڙا آرڊر جاري ڪيون جو توهان جي فورس ڪم ڪري، توهان ادارن جو پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن نه هوندو تڏهن ئي سوسائٽي جي زمين خالي نه ٿي آهي، توهان سڀئي ادارا پلاننگ ڪري گڏجاڻي ڪم ڪيو، ڊي سي اوڀر چيو ته اسان ڪي اليڪٽرڪ کي ۽  گئس ڪمپني کي ڪنيڪشن ڪٽڻ جو چيو هو، جسٽس نديم اختر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 15ڏينهن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.