پ پ وارا عوام جي سخت پڇاڻي سبب لڪي لڪي ورڪ پيا ڪن: ارباب رحيم

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)اسان جو برادري ٺاھ نه ٿيو ته سياسي ٺاھ ڪيترا ڏينهن هلندو،مثال طور ڪٿي ڪا ڳالهھ ٿي تڏهن به اُها جٽادار نه هوندي،آئون ڪنهن سان سياسي ٺاھ جي موڊ ۾ ناهيان،اليڪشن لاءِ ٿي سگهي هڪڙو ٻه ڏينهن اڃان خطري جا هجن،مُلڪ ۾ اليڪشن جو رُڳو نالو بچيو آهي،نٿا بيهون ته  سسٽم مان ٿا آئوٽ ٿيون،اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وڏي وزير ۽ اين اي 215 تي بيٺل جي ڊي اي اُميدوار ارباب غلام رحيم اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ مصري ميمڻ ۾ پي ايس 54 تي بيٺل فنڪشنل ليگ اُميدوار فيض ميمڻ پاران هٿ کڻڻ واري رکيل تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،جڏهن ته ارباب غلام رحيم،ارباب ذڪاءُ الله،ارباب خانصاب توڳاچي،ارباب عنايت الله ۽ ٻيا تڪن تي لهي پيا آهن،اسلام ڪوٽ کان ورڪ مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم وڌيڪ چيو ته پوئين اليڪشنن کي هاريل نه ٿو سمجهان،بلدياتي اليڪشن ۾ مخالفن اسان جون کٽيل يونين ڪائونسلون کڻي وڃي هارايون آهن،ڌانڌلين جو علاج ته سرڪار وٽ آهي،هن وقت ليڊنگ رول آرمي چيف وٽ آهي،ڌانڌلين کي روڪڻ جو بندوبست به اُهو ڪري سگهي ٿو،عوام به ڌانڌلين کي روڪي سگهي ٿو،هاڻي عوام کي ووٽ به ڏيڻو آهي ۽ پنهنجن ووٽن جي حفاظت ڪرڻي آهي، هن چيو ته لجپت ڀيل سان جڏهن هتي ڪوئلي واري مسئلي تي زيادتي ٿي پئي تڏهن اسان غيرمشروط طور گڏ هئاسين،اذيتون گهٽائڻ ۾ اسان جو ڪردار شامل هو رُڳو ڀيل برادري جي گڏ هجڻ جي ڳالھ ڪونهي،اسان اڄ به لجپت کي الڳ ناهي سمجهيو،هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ ڪنفيوزن ڏاڍي رهي آهي ته ٿئي ٿي يا نه،اڃان به ٿي سگهي هڪڙو ٻه ڏينهن خطرو هجي،15 سالن جا ستايل ماڻهو ڏسون ڪهڙو ٿا فيصلو ڪن.پ پ جا پنهنجا ماڻهو هڪٻئي جي سامهون بيٺل آهن، هن چيو ته پيرپاڳاري جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجي جماعت جي اُميدوارن کي ڇڏي اسان کي ترجيح ڏئي سمورن اُميدوارن کي جي ڊي اي جو ٽڪيٽ ڏنو آهي،اسان پي ٽي آءِ ۾ هجون ها تڏهن به پيرپاڳاري سان گڏ هجون ها،هي حالتون ته پوءِ پيدا ٿيا جيئن مجبوري جي مهندي هوندي آ تيئن لڳي آ ٻي پاسي،نه ته اسين پي ٽي آءِ سان گڏ بيهون ها، اسان پنهنجن اُميدوارن کي هٿ نه کڻائينداسين،ارباب رحيم وڌيڪ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ته سڄي مُلڪ ۾ انڊر هاٽ واٽرز آهي،اسان ۾ ته هاڻي عمر  ڪونهي جو لجپت سان گڏ ٿاڻن تي لتيرشن ٿئي،لجپت ڀيل اسان سان بيٺل هجي ها ته اسين مخصوص سيٽ ڏئي ڇڏيون ها، ٿر ۾ پ پ وارا هڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آهن،جنهن جو فائدو اسان کي ٿيندو، عوام جي سخت پڇاڻي سبب لڪي لڪي ورڪ پيا ڪن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.