بي ايل اي ۽ بي ايل ايف ايران ۾ سرگرم آهن: سيڪيورٽي عملدار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اڱاري جي رات ايران جي سڪيورٽي فورسز پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان صوبي جي سرحدي ڳوٺ سبزکوه ۾ هڪ رهائشي علائقي کي ميزائل سان نشانو بڻايو. هي علائقو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مشهور ڪراسنگ چڊگي کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، پنجگور انتظاميا موجب هن علائقي ۾ بلوچ قبيلن سان تعلق  رکندڙ ماڻهو رهن ٿا، جيڪي گهڻو ڪري چوپايو مال پالين ٿا. ايران طرفان فضائي حدن جي ڀڃڪڙي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا ۽ 3 ڇوڪريون زخمي ٿي ويون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جي باوجود عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي حملو انتهائي حيران ڪندڙ عمل آهي. ايران طرفان فضائي حدن جي بلا اشتعال ڀڃڪڙي پاڪستان جي سالميت تي حملو آهي، جنهن جي ذميوار ايراني حڪومت، آئي آر جي سي ۽ ايراني انٽيليجنس آهن. هڪ طرف ايران جي سرڪاري ٽي وي نور نيوز دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ جيش العدل جي ٻن ٺڪاڻن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان چيو ويو آهي ته راڪيٽ غلطي سان سرحد پار ڪري ويا، اهي سمورا بيان ۽ غلط بياني ظاهر ڪن ٿا ته اڪائونٽس جيش العدل کي منسوب ڪيو ويو آهي جيڪو آئي آر جي سي ۽ ايراني انٽيليجنس پاڻ هلائي رهيا آهن. ايران طرفان هي پهريون حملو ناهي. ان کان اڳ به ايراني سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ بدامني پکيڙڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا استعمال ٿي چڪي آهي، گذريل سال ڪيچ جي جلگئي سيڪٽر ۾ دهشتگردن پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي معمول جي بارڊر گشت تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ ايراني سرزمين تان سرگرم دهشتگرد مارجي ويا هئا، جڏهن ته دهشتگردن جو هڪ گروپ مارجي ويو هو. ان کان علاوه بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد پار ايران طرفان دهشتگردن جي ڪاررواين دوران 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. نه رڳو ايترو پر بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جون ڪيمپون به ايران ۾ موجود آهن، جيڪي اڄڪلهه پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ مصروف آهن، ۽ دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيون آهن. ڪراچي ۾ ايران مان ڀتا خوري جو منظم نيٽ ورڪ به پڪڙجي پيو. رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪاررواين جي نتيجي ۾ ڀتا خوري ۾ ملوث 2 جوابدارن نور محمد ۽ عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي ايران مان ڀتو وصول ڪرڻ جون هدايتون وٺي رهيا هئا. جوابدار عيسيٰ جو خاندان گذريل 3 سالن کان ايران جي شهر چابهار ۾ رهائش پذير آهي. علامه مسعود الرحمان عثماني جي قتل ۾ به ايران ملوث هو. دهشتگردن جو تعلق اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (ISO) سان آهي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس طرفان ان واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. پاڪستان سرحدي ڀڃڪڙي تي ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.